نيويارڪ- 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 کان 28 مئي تائين گڏيل قومن جي دوري دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان جامع ۽ وسيع سطح جون ملاقاتون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ان دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين، بحرين، ڪيوبا، ترڪمانستان، جمهوريه چيڪ، پرتگال، ڪولمبيا، انڊونيشيا، آذربائيجان، پاناما، ڪمبوڊيا …
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون
نيويارڪ- 30 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 26 کان 28 مئي تائين گڏيل قومن جي دوري دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان جامع ۽ وسيع سطح جون ملاقاتون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان موجب ان دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين، بحرين، ڪيوبا، ترڪمانستان، جمهوريه چيڪ، پرتگال، ڪولمبيا، انڊونيشيا، آذربائيجان، پاناما، ڪمبوڊيا ۽ يوراگوئي جي پرڏيهي وزيرن سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ نيويارڪ ۾ ٻين اهم ملاقاتن ۾ شرڪت کانپوءِ واشنگٽن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان به انتهائي اهم ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.












