لاهور - 30 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مقصدن ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون تي هموار آهن. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان لاهور ۾ آمريڪا جي قونصل جنرل اسٽيٽسن سينڊرز ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ آمريڪا …
پاڪ آمريڪا لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهن: سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني
لاهور – 30 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل مقصدن ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون تي هموار آهن. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان لاهور ۾ آمريڪا جي قونصل جنرل اسٽيٽسن سينڊرز ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا، واپاري رابطن، سيڙپڪاري وفدن جي مٽاسٽا ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري پڌرائي موجب سينيٽ چيئرمين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس انتظاميه طرفان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار تي اعتماد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي تاريخي اسلام آباد ڳالهين جي ميزباني تي خوشي آهي جنهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سڌي ريت رابطن لاءِ هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڻوڪي اعليٰ سطحي رابطن کي سٺو سنئون قرار ڏيندي واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، معدنيات، صحت، تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته آمريڪا پاڪستان جو هڪ اهم اقتصادي حصيدار ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي. هن ٻطرفي واپار ۾ واڌ ۽ واپاري تعاون جي اڳڀرائي جي آجيان ڪندي آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي زرعي، آءِ ٽي، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. سينيٽ چيئرمين چيو ته آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي رابطا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهرجن. علائقائي صورتحال تي ڳالهائيندي هن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اپريل – مئي 2025ع جي ڇڪتاڻ کانپوءِ جنگ بندي جي مفاهمت ۾ آمريڪي انتظاميه جي ڪردار کي ساراهيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان خطي جي سمورن ملڪن سان تعميري ۽ هاڪاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. جڏهن ته قومي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. سينيٽ چيئرمين سنڌ طاس معاهدي بابت ڀارتي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي کي سياسي دٻاءَ ۽ ڏاڍ طور استعمال ڪرڻ علائقائي امن ، استحڪام ۽ ڪروڙين پاڪستانين جي غذائي ۽ معاشي سلامتي لاءِ خطرو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو عالمي قانونن جي احترام کي يقيني بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پارلياماني رابطن ۽ وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته عوامي رابطا پاڪستان – آمريڪا لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهن. آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جڏهن ته آمريڪي يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگرد مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خير سگالي جا سفير ثابت ٿيندا. سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون کي هٿي ڏيندا رهندا.












