اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن فهد شهباز کي فوربز 30 انڊر 30 ايشيا 2026ع ۾ شموليت تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستاني نوجوان عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون …
فهد شهباز جي فوربز 30 انڊر 30 ايشيا 2026ع ۾ شموليت، وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي شخصيتن پاران مبارڪون
اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن فهد شهباز کي فوربز 30 انڊر 30 ايشيا 2026ع ۾ شموليت تي مبارڪ ڏيندي چيو آهي، ته پاڪستاني نوجوان عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن. گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير عطاءُ لله تارڙ چيو ته اها ڳالهه انتهائي حوصلو ڏيندڙ آهي ته پاڪستاني نوجوان عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي رهيا آهن، کين بهترين انداز ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندي ڏسڻ تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فهد شهباز هڪ بهترين صلاحيتون رکندڙ نوجوان آهي، مان مختلف پليٽ فارمز تي سندس غير معمولي ڪارڪردگي جو مشاهدو ڪيو آهي. وفاقي وزير، فهد شهباز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان ئي جذبي سان اڳيان وڌندو رهي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، فهد شهباز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته فهد شهباز جون يوٿ جنرل اسيمبلي ۾ خدمتون ۽ تجربو پاڪستان ۾ نوجوانن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار رکن ٿيون. اها ڪاميابي سندس محنت ۽ صلاحيتن جو اعتراف آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پنهنجي ايڪس پوسٽ ۾ فهد شهباز کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته سوشل امپيڪٽ ڪيٽيگري ۾ چونڊجندڙ واحد پاڪستاني جي حيثيت سان فهد شهباز جي اها ڪاميابي وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهي. راڻا مشهود احمد خان نوجوانن کي باختيار بڻائڻ ۽ هاڪاري تبديلي کي هٿي وٺائڻ ۾ فهد شهباز جي مسلسل ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جوا ظهار ڪيو. وزيراعظم جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ به فهد شهباز کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته فهد شهباز مستقبل ۾ به نوجوانن جي رهنمائي ۽ هاڪاري سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۾ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. واضح رهي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي فوڪل پرسن فهد شهباز فوربز 30 انڊر 30 ايشيا 2026ع ۾ شامل ٿي ويو آهي، جتي هو يوٿ جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي باني جي حيثيت سان پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته فهد شهباز فوربز 30 انڊر 30 ايشيا جي سوشل امپيڪٽ ڪيٽيگري ۾ تسليم ڪيل واحد پاڪستاني آهي جنهن هڪ ئي وقت دي ڊائنا ايوارڊ ۽ فوربز 30 انڊر 30 ايشيا جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.












