افغان طالبان حڪومت هٿان انصاف جو قتل، عدالتون يرغمال، ملڪ ۾ بندوق جو قانون لاڳو: افغان مئگزين جي رپورٽ

اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت هٿان انصاف جو قتل عام ٿي ويو آهي، عدالتون يرغمال بڻيل آهن ۽ ملڪ ۾ بندوق جو قانون لاڳو آهي. افغانستان تي قابض طالبان رجيم آئين، عدالت ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي ملڪ تي بدترين آمريت مڙهي ڇڏي آهي. افغان طالبان رجيم پاران اسلام جي گمراهه ڪندڙ تشريح ۽ من پسند فيصلن تي سڄي دنيا مان ڇِتي تنقيد ٿي …

اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) افغان طالبان حڪومت هٿان انصاف جو قتل عام ٿي ويو آهي، عدالتون يرغمال بڻيل آهن ۽ ملڪ ۾ بندوق جو قانون لاڳو آهي. افغانستان تي قابض طالبان رجيم آئين، عدالت ۽ انساني حقن کي لتاڙيندي ملڪ تي بدترين آمريت مڙهي ڇڏي آهي. افغان طالبان رجيم پاران اسلام جي گمراهه ڪندڙ تشريح ۽ من پسند فيصلن تي سڄي دنيا مان ڇِتي تنقيد ٿي رهي آهي. افغان مئگزين اٽلس پريس موجب افغانستان جي اڳوڻي اٽارني جنرل فريد حامدي چيو آهي، ته طالبان رجيم عدالتي ۽ قانوني ادارن ۾ اختيارن جي عليحدگي ختم ڪري قانوني نظام جي بنيادي تصور کي ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته افغان طالبان رجيم جون هٿ ٺوڪيون عدالتون پاڻ ئي فوجداري ڪيسن جي جاچ ڪري فيصلا ٻڌائين ٿيون. فريد حامدي موجب طالبان جي اقتدار تي قبضي کان پوءِ سمورين عورتن تي پراسيڪيورٽرز کي  ختم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي انهن کي ڌمڪين  کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اڳوڻي اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته افغان طالبان رجيم ۾ قيد عورتن جو انگ 435 سيڪڙو کان وڌي 1825 تائين پهچي ويو آهي. طالبان جي اقتدار کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ 57  پراسيڪيورٽرز يا سندن گهرن وارن کي قتل ڪيو ويو آهي. ماهرن موجب افغان طالبان رجيم قانون، انصاف ۽ انساني حقن جو ڳَلو دٻائي عدالتي نظام کي ذاتي اقتدار جو هٿيار بڻائي ڇڏيو آهي، طالبان رجيم جي ظالماڻن فيصلن افغانستان کي قانون جي حڪمراني بدران خوف، ڏاڍ ۽ انتقام تي قائم رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.