ايس آءِ ايف سي جي ڪامياب سهولتڪاري سان ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽڊ جي بحالي توانائي جي شعبي ۾ اهم سنگ ميل

اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪامياب سهولتڪاري جي نتيجي ۾ ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽڊ جي بحالي توانائي جي شعبي ۾ اهم سنگ ميل اهي. جي جي وي ايل جي بحالي ايس آءِ ايف سي جي 3  سالن جي نمايان ڪاميابين ۾ شامل آهي، جنهن هڪ اهم قومي اثاثي کي ٻيهر فعال بڻايو آهي. بندش جو شڪار پلانٽ  پاڪستان جو جديد ۽ ٽلوف …

اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ڪامياب سهولتڪاري جي نتيجي ۾ ڄامشورو جوائنٽ وينچر لميٽڊ جي بحالي توانائي جي شعبي ۾ اهم سنگ ميل اهي. جي جي وي ايل جي بحالي ايس آءِ ايف سي جي 3  سالن جي نمايان ڪاميابين ۾ شامل آهي، جنهن هڪ اهم قومي اثاثي کي ٻيهر فعال بڻايو آهي. بندش جو شڪار پلانٽ  پاڪستان جو جديد ۽ ٽلوف ٽيڪنالاجي سان ليس ايل پي جي پيدا ڪندڙ  پهريون گيس پراسيسنگ منصوبو آهي، پلانٽ جي بندش سان ملڪ 3 لک 17 هزار ٽن مقامي ايل پي جي کان محروم رهيو جڏهن ته 94 ارب روپين جو نقصان به ٿيو. ايس آءِ ايف سي، جي جي وي ايل پلانٽ جي بحالي لاءِ 2024ع ۾ مربوط ڪوششن جي شروعات ڪئي. ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي سهولتڪاري سان ڊگهي عرصي کان دير جو شڪار منصوبو ٻيهر قومي معيشت ۽ توانائي جي شعبي جو حصو بڻيو آهي. ان موقعي تي ايسوسيئيٽيڊ گروپ جي  چيئرمين اقبال ظفر  چيو ته هي منصوبو ملڪ لاءِ ساليانو اٽڪل 20 ڪروڙ ڊالر مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت جو سبب بڻجندو. منصوبي جي بحالي سان 5 هزار ماڻهن لاءِ سڌي ريت ۽ اڻ سڌي ريت روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. پلانٽ جي بحالي سان توانائي جي شعبي ۾ پاڻ تي ڀاڙڻ، مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ۽ صنعتي سرگرمين کي هٿي ملي آهي، ملڪي معيشت جي بحالي ۽ قومي اهميت جي منصوبن جي بحالي ۾ ايس آءِ ايف سي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.