انجنيئر امير مقام پاران آزاد ڪشمير ۾ روڊ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد - 30 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن  جي وفاقي وزير  انجنيئر امير مقام حويلي ضلعي جي يونين ڪونسل خورشيد آباد آزاد ڪشمير ۾ روڊ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته حاثي ۾ ٿيل فوتگين تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. وفاقي وزير ڏکوئيل ڪٽنبن سان همدردي …

اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن  جي وفاقي وزير  انجنيئر امير مقام حويلي ضلعي جي يونين ڪونسل خورشيد آباد آزاد ڪشمير ۾ روڊ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته حاثي ۾ ٿيل فوتگين تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. وفاقي وزير ڏکوئيل ڪٽنبن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي اسان متاثر ڪٽنبن جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون.