درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي)  واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 71 هزار300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو38 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 …

اسلام آباد-30 مئي (اي پي پي)  واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 71 هزار300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو38 هزار 700 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 38 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 42 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزارڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 77 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 66 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 60 هزار700 ڪيوسڪ  ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 400 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1448.20 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو0.959 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1168.20 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.490 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.90 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.061 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.