بيجنگ- 30 مئي (اي پي پي)شينزو-21 مشن جا ٽئي خلاباز ڪاميابي سان پنهنجو خلائي مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن جهاز ذريعي بيجنگ پهچي ويا. چين جي انساني خلائي ايجنسي مطابق خلاباز زانگ لو، دوفي ۽ زانگ هونگ زانگ گذريل ڏينهن شام جو حفاظت سان زمين تي واپس آيا. هنن 210 ڏينهن تائين مدار ۾ ترسڻ بعد پنهنجو مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو. ايجنسي جو چوڻ آهي ته ٽنهي خلابازن …
شينزو -21 جا خلاباز ڪامياب مشن مڪمل ڪري بيجنگ پهچي ويا

مزید خبریں
بيجنگ- 30 مئي (اي پي پي)شينزو-21 مشن جا ٽئي خلاباز ڪاميابي سان پنهنجو خلائي مشن مڪمل ڪرڻ کانپوءِ گذريل ڏينهن جهاز ذريعي بيجنگ پهچي ويا. چين جي انساني خلائي ايجنسي مطابق خلاباز زانگ لو، دوفي ۽ زانگ هونگ زانگ گذريل ڏينهن شام جو حفاظت سان زمين تي واپس آيا. هنن 210 ڏينهن تائين مدار ۾ ترسڻ بعد پنهنجو مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو. ايجنسي جو چوڻ آهي ته ٽنهي خلابازن جي صحت تسلي بخش آگي ۽ شينزو-21 خلائي مشن کي مڪمل ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق خلاباز هاڻي طبي نگراني ۽ قرنطينه جي مرحلي ۾ داخل ٿيندا، جتي سندن تفصيلي طبي معائنا ۽ صحت جو جائزو ورتو ويندو. قرنطينه جو مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هو بيجنگ ۾ ميڊيا سان ملاقات به ڪندا. چيني خلائي پروگرام جي اها ڪاميابي ملڪ جي خلائي تحقيق ۽ انساني خلائي اڏامن جي شعبي ۾ هڪ ٻي اهم سنگ ميل سمجهي پئي وڃي.











