آپريشنل پلان ڪامياب، حج سيزن ۾ 45 ملين ڪيوبڪ ميٽر پاڻي فراهم

رياض- 30 مئي (اي پي پي)سعودي نيشنل واٽر ڪمپني حج سيزن 2026ع لاءِ آپريشنل پلان ڪاميابي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته مڪي شريف ۽ مقدس هنڌن ۾ 45 ملين ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پهرين ذوالقعد کان شروع ٿيل حج سيزن ۾ مسجد الحرام ۽ مقدس هنڌن تي 24 ڪلاڪ پاڻي جي فراهمي جاري رهي. حج سيزن ۾ پاڻي جا هڪ لک کان وڌيڪ …

رياض- 30 مئي (اي پي پي)سعودي نيشنل واٽر ڪمپني حج سيزن 2026ع لاءِ آپريشنل پلان ڪاميابي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته مڪي شريف ۽ مقدس هنڌن ۾ 45 ملين ڪيوبڪ ميٽر کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پهرين ذوالقعد کان شروع ٿيل حج سيزن ۾ مسجد الحرام ۽ مقدس هنڌن تي 24 ڪلاڪ پاڻي جي فراهمي جاري رهي. حج سيزن ۾ پاڻي جا هڪ لک کان وڌيڪ ليباريٽري ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته 31 ملين ڪيوبڪ ميٽر واٽر ٽريٽمينٽ ڪئي وئي. بيان ۾ چيو ويو ته مڪي شريف ۽ مقدس هنڌن تي آپريشنز ۾ ڪنهن رڪاوٽ کي منهن نه ڏيڻو پيو. سيزن دوران مناسب مقدار ۾ پاڻي جي فراهمي جاري رهي. سعودي نيشنل واٽر ڪمپني چيو ته ايندڙ حج سيزن 2027ع جي تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي ته جيئن حج پانڌيئڙن لاءِ بهترين خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. حج سيزن ۾ پاڻي جي فراهمي هڪ مربوط نظام تحت ڪئي وئي، جيڪو حج پانڌيئڙن جي خدمت لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو آهي.

مزید خبریں