گڏيل قومون-30 مئي(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڏکڻ سوڊان تي لڳايل پابندين ۾ هڪ سال جي واڌ ڪندي ٺهراءَ نمبر 2821 منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت هٿيارن تي پابندي، سفري پابنديون ۽ اثاثا منجمند ڪرڻ جهڙا قدم برقرار رکيا ويا آهن. ٺهراءَ جي منظوري دوران 15 مان 9 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 6 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، جن ۾ پاڪستان، چين، …
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڏکڻ سوڊان تي پابنديون هڪ سال لاءِ وڌائڻ جو فيصلو، پاڪستان غير جانبدار رهيو
گڏيل قومون-30 مئي(اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڏکڻ سوڊان تي لڳايل پابندين ۾ هڪ سال جي واڌ ڪندي ٺهراءَ نمبر 2821 منظور ڪري ورتو آهي، جنهن تحت هٿيارن تي پابندي، سفري پابنديون ۽ اثاثا منجمند ڪرڻ جهڙا قدم برقرار رکيا ويا آهن. ٺهراءَ جي منظوري دوران 15 مان 9 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 6 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، جن ۾ پاڪستان، چين، روس، جمهوريه ڪانگو، لائبريا ۽ صوماليه شامل آهن. پاڪستان ان معاملي تي غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٺهراءَ تحت پابندين ۾ واڌ سان گڏوگڏ ڏکڻ سوڊان لاءِ ماهرن جي پينل جي مُدي ۾ پڻ 1 جولاءِ 2027ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪي پابندين سان لاڳاپيل ڪميٽي جي مدد جاري رکندا. اهو مسودو آمريڪا پاران پيش ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ گڏيل ٺهراءَ جي ڀيٽ ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه ڪئي وئي آهي. ووٽنگ کان پوءِ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي سفير عثمان جدون وضاحت ڪندي چيو ته پاڪستان جو موقف هميشه اهو ئي رهيو آهي ته پابندين جو احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي مستقل يا صرف تعزيري نوعيت جو نه هجڻ گهرجي، جڏهن ته آفريقي يونين پڻ ڏکڻ سوڊان تي پابندين تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.












