مڪه مڪرمه - 30 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي چيئرمين شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف حج سيزن 2026ع ۽ عيدالاضحيٰ جي شاندار ڪاميابي تي سمورن سيڪيورٽي ۽عسڪري اهلڪارن کي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران مبارڪون ڏيندي ايندڙ حج سيزن جي لاءِ هاڻي ئي وقت کان اڳ تياريون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اهي هدايتون هن مڪه …
سعودي گهرو وزير جي حج سيزن 2026ع جي ڪاميابي تي مبارڪون، سيڪيورٽي عملدارن کي ايندڙ حج کان اڳ وقت سر تيارين جي هدايت
مڪه مڪرمه – 30 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير ۽ سپريم حج ڪميٽي جي چيئرمين شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف حج سيزن 2026ع ۽ عيدالاضحيٰ جي شاندار ڪاميابي تي سمورن سيڪيورٽي ۽عسڪري اهلڪارن کي خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد پاران مبارڪون ڏيندي ايندڙ حج سيزن جي لاءِ هاڻي ئي وقت کان اڳ تياريون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اهي هدايتون هن مڪه مڪرمه ۾ گهرو وزارت جي اعليٰ اختيارين، حج سيڪيورٽي فورسز جي اڳواڻن ۽ شريڪ عسڪري ادارن جي سربراهن سان هڪ اهم ملاقات دوران ڏنيون. سعودي عرب جي گهرو وزارت ايڪس تي جاري پيغام موجب گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حج منصوبن جي اها وڏي ڪاميابي الله پاڪ جي فضل و ڪرم کان پوءِ قيادت جي مسلسل سرپرستي ۽ حاجي سڳورن جي خدمتن لاءِ سمورن سرڪاري صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جو نتيجو آهي. شهزاده عبدالعزيز حج آپريشنز ۾ شامل سمورن ادارن جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت، بهترين گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي تعريف ڪئي، جن جي عيوض هن سيزن جا سمورا هدف ڪاميابي سان حاصل ٿيا.












