عورتن سميت 2 لک 70 هزار پاڪستاني اهلڪارن چئني کنڊن جي 48 يو اين مشنز ۾ خدمتون انجام ڏنيون آهن: صدر جو گڏيل قومن جي امن جٿن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ مشڪل حالتن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گڏيل قومن جي امن جٿن جي نظم ۽ ضبط، پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هن چيو ته اسان انهن 183 پاڪستاني اهلڪارن جي شجاعت ۽ لگن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن عالمي امن ۽ سلامتي خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ايوان …

اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ مشڪل حالتن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ گڏيل قومن جي امن جٿن جي نظم ۽ ضبط، پيشيوراڻي مهارتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هن چيو ته اسان انهن 183 پاڪستاني اهلڪارن جي شجاعت ۽ لگن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن عالمي امن ۽ سلامتي خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر جمعي جي ڏينهن گڏيل قومن جي امن جٿن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 6 ڏهاڪن کان وٺي پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ سڀ کان وڌيڪ اهلڪار موڪليندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته 2 لک 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني اهلڪار چئني کنڊن جي 48 يو اين مشنز ۾ امتيازي خدمتون انجام ڏنيون آهن، پاڪستاني عورتون به انهن مشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته اهي خدمتون گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان پاڪستان جي پائيدار عزم جي عڪاس آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سڀ کان پراڻي امن مشنز مان هڪ ” گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ فار انڊيا ۽ پاڪستان“ جو ميزبان پڻ آهي، ان مشن جي مسلسل موجودگي ان ڳالهه جي توثيق آهي ته عالمي برادري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ هڪ منصفاڻو ۽ پائيدار حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري . صدر چيو ته تڪرارن کان متاثر خطن ۾ گڏيل قومن جي امن جٿن شهرين جي تحفظ ۽ انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي کي ممڪن بڻائين ٿا ته جيئن اسپتال، اسڪول ۽ بنيادي عوامي خدمت جا ادارا پنهنجو ڪم جاري رکي سگهن، انهن جو ڪم تڪرارن ۽ لڏپلاڻ کان متاثر برادرين لاءِ اميد جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته وڌندڙ عالمي غير يقيني واري صورتحال ۽ تڪرارن جي هن دور ۾ گڏيل قومن جو امن مشن عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشنز لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت کي ورجائي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺيان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورن امن جٿن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.