نوابزده نصر الله خان اصولي سياست، جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي جي علامت هو: سينيٽ چيئرمين

اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نوابزده نصر الله خان اصولي سياست، جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي جي علامت هو، سندس سياسي خدمتون ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. خانڳڙهه ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي نوابزده افتخار احمد خان ايم اين اي کي نشان امتياز حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ان عظيم شخصيت جي ياد ۾ …

اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نوابزده نصر الله خان اصولي سياست، جمهوريت ۽ قومي يڪجهتي جي علامت هو، سندس سياسي خدمتون ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. خانڳڙهه ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندي نوابزده افتخار احمد خان ايم اين اي کي نشان امتياز حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته ان عظيم شخصيت جي ياد ۾ رٿيل تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي، هن نوابزاده نصر الله خان مرحوم جون سياسي ۽ جمهوري خدمتون پاڪستان جي تاريخ جو روشن باب آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان نوابزده نصر الله خان مرحوم کي ملڪ جو سڀ کان وڏو سول اعزز نشان امتياز ڏيڻ جي خوشي ۾ هي عظيم الشان ۽ تاريخي جسلو منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي نوابزاده نصر الله خان مرحوم جي سياسي، جمهوري جدوجهد تي تفصيلي روشني وڌي ۽ تاريخي واقعا پيش ڪيا.