اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جمعي جي ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 200 ڪيوسڪ خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪر ترتيبوار …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-29 مئي (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جمعي جي ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 39 هزار 200 ڪيوسڪ خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون ۽ هيٺاهون وهڪر ترتيبوار 1 لک 64 هزار 800 ڪيوسڪ ،جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 35 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 34 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 18 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1449.50 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو0.997ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1167.85 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.474 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.30 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.049 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.











