اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ يوم تڪبير جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هي اهو تاريخي ڏينهن هو جڏهن قائد محمد نواز شريف عالمي دٻاءُ، معاشي پابندين ۽ ڌمڪين باوجود پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختياري کي ترجيح ڏني. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته يوم تڪبير اچي ٿو ته ڏاڏي مرحوم محمد رفيق …
يوم تڪبير اهو تاريخي ڏينهن هو جڏهن محمد نواز شريف عالمي دٻاءُ باوجود پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختياري کي ترجيح ڏني: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ يوم تڪبير جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هي اهو تاريخي ڏينهن هو جڏهن قائد محمد نواز شريف عالمي دٻاءُ، معاشي پابندين ۽ ڌمڪين باوجود پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختياري کي ترجيح ڏني. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته يوم تڪبير اچي ٿو ته ڏاڏي مرحوم محمد رفيق تارڙ جون اهي ڳالهيون ياد اينديون آهن جڏهن هو 28 مئي 1998ع تي اکين مان خوشي جا ڳوڙها وهائي چئي رهيو هو ته اڄ پاڪستان پنهنجي دفاع، وقار ۽ آزادي کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ورتو آهي. هي اهو تاريخي ڏينهن هو جڏهن قائد ميان محمد نواز شريف عالمي دٻاءُ، معاشي پابندي ۽ ڌمڪين باوجود پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختياري کي ترجيح ڏني. وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پاڪستان جي ايٽمي پروگرام لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان مرحوم ۽ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند جهڙن پنهنجي عظيم سائنسدانن، انجيئرن ۽ پاڪ فوج جي ڪردار کي سلام پيش ڪريون ٿا.











