پاڪستان پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي-28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته يوم تڪبير پاڪستان جي قومي تاريخ جو اهو عظيم ۽ سنهري ڏينهن آهي جڏهن قوم مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪري نه رڳو ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو پر سڄي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، …

راولپنڊي-28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته يوم تڪبير پاڪستان جي قومي تاريخ جو اهو عظيم ۽ سنهري ڏينهن آهي جڏهن قوم مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪري نه رڳو ملڪ جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو پر سڄي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو. اهڙو اظهار هن راولپنڊي ۾ يوم تڪبير جي 28 هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته 28 مئي 1998ع تي چاغي جي جبلن ۾ گونجيل تڪبير جا نعرا دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو ۽ پاڪستان اسلامي دنيا جو پهريون ۽ دنيا جو ستون ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو جنهن سان پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ٿيو. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان جي تاريخي ڪامياب نه رڳو دشمن کي واضح ۽ چٽو پيغام ڏنو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي وقار ۽ سفارتي حيثيت ۾ به نمايان اضافو ڪيو. بئريسٽر دانيال چوڌري وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج پنهنجي پيشيوراڻي مهارت، جرئت ۽ لازوال قربانين سان قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قائداڻي صلاحيتن ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي، مربوط ۽ موثر حڪمت عملي سبب پاڪستان کي سفارتي محاذ تي به اهم ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن.