صدر کي قازقستاني هم منصب پاران عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪون

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون آهن. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قازقستان جي صدر، صدر جي نالي مبارڪن واري پيغام ۾ غيدالاضحيٰ کي خير، هم آهنگي ۽ اخوت جو پيغام ڏيڻ وارو عظيم اسلامي ڏهاڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ مسلمان امت وچ ۾ امن، يڪجهتي ۽ گڏيل …

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪون ڏنيون آهن. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قازقستان جي صدر، صدر جي نالي مبارڪن واري پيغام ۾ غيدالاضحيٰ کي خير، هم آهنگي ۽ اخوت جو پيغام ڏيڻ وارو عظيم اسلامي ڏهاڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ مسلمان امت وچ ۾ امن، يڪجهتي ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي وٺرائڻ جو ڏهاڙو آهي. قازقستاني صدر دعا ڪئي ته مسلمان امت وچ ۾ روحاني اتحاد ۽ گڏيل هم آهنگي وڌيڪ مضبوط ٿئي. قازقستان جي صدر، صدر آصف علي زرداري لاءِ نيڪ تمنائون ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ خوشحالي ۽ استحڪام جي پڻ دعا ڪئي.