صدر آصف علي زرداري پاران آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪون

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، حڪومت ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون آهن. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مملڪت پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ آزادي حاصل ڪرڻ سان ئي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هڪ گڏيل عقيدي، ثقافتي ورثي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. هن چيو …

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، حڪومت ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪون ڏنيون آهن. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مملڪت پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ آزادي حاصل ڪرڻ سان ئي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي هڪ گڏيل عقيدي، ثقافتي ورثي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته گذريل سالن ۾ هي ٻطرفا لاڳاپا مضبوط حصيداري ۾ بدلجي چڪا آهن جن جو بنياد گڏيل اعتماد، مفاهمت ۽ قومي مفادن جي معاملن تي هڪٻئي جي پختي حمايت آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام صدر الهام عليوف جي دور انديش قيادت ۾ آذربائيجان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، يڪجهتي ۽ خوشحالي کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گهڻ رخي تعاون خاص ڪري ٻطرفي واپار، توانائي، دفاعي تعاون ۽ عوامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ واڌ لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي ورجايو. صدر مملڪت آذربائيجان جي عوام جي امن ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.