پاڪستان 28 مئي 1998ع تي دنيا تي واضح ڪيو ته هو پنهنجي خودمختياري، سلامتي، وقار ۽ دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 28 مئي 1998ع اسان جي قومي تاريخ جو فيصلائتو لمحو هو جڏهن پاڪستان دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي خودمختياري، سلامتي، وقار ۽ دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ يوم تڪبير ملهائيندي اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زبردست خراج …

اسلام آباد-28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 28 مئي 1998ع اسان جي قومي تاريخ جو فيصلائتو لمحو هو جڏهن پاڪستان دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي خودمختياري، سلامتي، وقار ۽ دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندو. خميس ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ يوم تڪبير ملهائيندي اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جنهن پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو ۽ قائد محمد نواز شريف کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن جي جرئتمنداڻي، دليراڻي ۽ پرعزم قيادت مئي 1998ع ۾ شديد عالمي دٻاءُ باوجود ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊاڪٽر عبدالقدير خان، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند ۽ انهن بي شمار ذهين سائنسدانن، انجينرز، پاڪ فوج جي اهلڪارن ۽ ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن کي به خراج تحسين پيش ڪيو جن جي لگن، قرباني، ۽ پختي عزم پاڪستان جي دفاع کي اڻمٽ بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته يوم تڪبير قومي اتحاد، پختي عزم ۽ قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي اجتماعي قوت جي علامت آهي جيڪا پاڪستان جي آزادي جي تحفظ سان گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ تزويراتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اچو سڀ گڏجي هن تاريخي ڏينهن تي هڪ مضبوط، خوشحال، متحد ۽ پاڻڀري پاڪستان جي تعمير جي عهد جي تجديد ڪريون جيڪو ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي قائم هجي.