صدر آصف علي زرداري پاران عيدالاضحى جي موقعي تي پاڪستاني عوام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي مبارڪون

اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عيدالاضحى جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستاني عوام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي عيد اسان کي الله جي اطاعت، صبر، وفا، اخلاص ۽ ايثار جي ان عظيم جذبي جي ياد ڏياري ٿي جيڪا حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي سيرت مبارڪه مان اسان …

اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عيدالاضحى جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستاني عوام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي عيد اسان کي الله جي اطاعت، صبر، وفا، اخلاص ۽ ايثار جي ان عظيم جذبي جي ياد ڏياري ٿي جيڪا حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي سيرت مبارڪه مان اسان کي ملي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر چيو ته عيدالاضحى اسان کي اهو سمجهائي ٿي ته قرباني رڳو هڪ مذهبي فرض نه آهي پر هڪ مڪمل اخلاقي پيغام آهي ۽ انسان جي اصل ڪاميابي مال ۽ دولت، طاقت يا ظاهري شان نه آهي، پر تقوى، خلوص، خدمت ۽ انسانيت جي درد کي محسوس ڪرڻ ۾ آهي. رسول اڪرم ﷺ ارشاد فرمايو: الله تعالى جي ويجهو سڀ کان محبوب انسان اهو آهي جيڪو ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ فائدو پهچائي.” هن چيو ته قرباني جي حقيقي گهرج اها آهي ته اسان پنهنجي دلين ۾ ٻين جي لاءِ جڳهه پيدا ڪريون. عيد جون خوشيون انهي وقت مڪمل ٿين ٿيون جڏهن اسان جي ڀرپاسي موجود محروم، مستحق، يتيم، بيواهه، بيمار، مزدور، معذور، بي سهارا ۽ سفيد پوش ماڻهو به انهن خوشين ۾ شريڪ هجن. اسان کي خاص طور تي انهن ماڻهن جو خيال رکڻو آهي جيڪي پنهنجي ضرورت جو اظهار نه ٿا ڪن ۽ خاموشي سان مشڪلاتون برداشت ڪن ٿا. نبي ڪريم ﷺ فرمايو: اهو شخص ڪامل مومن نه آهي جيڪو پاڻ پيٽ ڀري کائي ۽ ان جو پاڙيسري بُکيو هجي.” صدر آصف علي زرداري چيو ته عيدالاضحى اسان کي ياد ڏياري ٿي ته قومي زندگي ۾ به قرباني، برداشت، نظم ۽ ضبط، ديانتداري ۽ هڪ ٻئي جي احترام جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن شهري پنهنجي حقن سان گڏ پنهنجي ذميوارين کي به سمجهن ٿا ته قومون مضبوط ٿين ٿيون، ادارا مستحڪم ٿين ٿا ۽ معاشرا ترقي ڪن ٿا. صدر چيو ته اڄ اسان کي ان ڳالهه جو وچن ڪرڻو آهي ته اسان اختلافن جي باوجود قومي وحدت کي مٿانهون رکنداسين. اسان نفرت ۽ ورڇ بدران محبت، برداشت ۽ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏينداسين. اسان ڪمزور طبقن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪنداسين، قانون جو احترام ڪنداسين، پنهنجي ماحول کي صاف رکنداسين ۽ پنهنجي عمل سان پاڪستان کي هڪ مهذب، پرامن ۽ باوقار ملڪ بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته آئون پاڪستان جي نوجوانن، عورتن، پورهيتن، آبادگارن، استادن، عالمن، واپارين، سرڪاري ملازمن ۽ سمورن طبقن کي چوان ٿو ته توهان مان هر ماڻهو هن ملڪ جي اميد آهي. توهان جو هڪ مثبت عمل، هڪ مددگار هٿ، هڪ ديانتدار فيصلو ۽ هڪ خيرخواهي جو قدم اسان جي معاشري کي بهتر بڻائي سگهي ٿو. مايوسي جي اونداهين کي خدمت، علم، محنت ۽ اتحاد جي روشني سان شڪست ڏئي سگهجي ٿي. اچو، هن عيدالاضحى تي اسان قرباني کي رڳو هڪ ڏينهن جي عبادت نه پر پوري سال جي طرز عمل ۾ بدلائڻ جو وچن ڪريون. اسان پنهنجي دلين ۾ رحم، پنهنجي روين ۾ شائستگي، پنهنجي گهرن ۾ محبت، پنهنجي معاشري ۾ انصاف ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ وفاداري کي فروغ ڏيون. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان جي عبادتن ۽ قربانين کي قبول فرمائي، اسان جي دلين ۾ تقوى ۽ اخلاص پيدا فرمائي، مستحق ماڻهن جون مشڪلاتون آسان فرمائي ۽ پاڪستان کي امن، اتحاد، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائي.