اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحى جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي مقدس سنت اسان کي اهو درس ڏي ٿي ته اعلى ۽ مقدس مقصد جي لاءِ پنهنجي جان، خواهشون ۽ مفاد قربان ڪري ڇڏڻ ئي اصل ۾ ايمان جي معراج ۽ اهل وفا جو طره امتياز آهي. عيدالاضحى جي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عيدالاضحى جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالاضحى جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي مقدس سنت اسان کي اهو درس ڏي ٿي ته اعلى ۽ مقدس مقصد جي لاءِ پنهنجي جان، خواهشون ۽ مفاد قربان ڪري ڇڏڻ ئي اصل ۾ ايمان جي معراج ۽ اهل وفا جو طره امتياز آهي. عيدالاضحى جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سمورن پاڪستانين ۽ پوري مسلمان امت کي دل جي گهرائين سان عيد جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان کي هن عظيم مذهبي تهوار جي خوشين ۽ ايثار ۽ قرباني جي جذبي کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عيد اسان کي عظيم الشان سنت ابراهيم جي ياد ڏياري ٿي جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام جي الله جي حڪم آڏو مڪمل سپرد ڪري ڇڏڻ ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي بي مثال اطاعت ۽ فرمانبرداري جو روشن استعارو آهي. هن چيو ته هي مقدس سنت اسان کي اهو درس ڏي ٿي ته اعلى ۽ مقدس مقصد جي لاءِ پنهنجي جان، خواهشون ۽ مفاد قربان ڪري ڇڏڻ ئي اصل ۾ ايمان جي معراج ۽ اهل وفا جو طره امتياز آهي. قرباني جو جذبو اصل ۾ اسان کي خودغرضي، تنگ نظري ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي انسانيت جي لاءِ همدرديءَ، ايثار ۽ ذميواري جو احساس اختيار ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ جان قربان ڪندڙ شهيدن جي قرباني اسان جو قومي فخر آهي. عيد جو روحاني موقعو ان ڳالهه جو به گهرجائو آهي ته اسان انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي پنهنجي ڀرپاسي تنگ دست، غريبن ۽ مستحق ماڻهن جو خاص طور تي خيال رکون ۽ عيد جي خوشين ۾ انهن کي شامل ڪريون. ايثار جو جذبو ۽ اتحاد ئي قومن جي زندگي ۾ دائمي يڪجهتي ۽ پائيدار ترقي جو ضامن آهي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون پوري قوم پاران پنهنجي فلسطيني ۽ والاريل ڪشمير جي مظلوم ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان سڀني کي عيدالاضحى جي حقيقي برڪتن سان مالال فرمائي، اسان جون قربانيون قبول فرمائي ۽ دنيا کي امن، محبت ۽ هم آهنگي جو گهوارو بڻائي.











