اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عيدالاضحى جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله ڪري هي برڪتن واري عيد ۽ قرباني جو جذبو اسان سڀني ۾ همدرديءَ، ايثار ۽ اتحاد کي فروغ ڏي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي اچو …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران عيدالاضحى تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عيدالاضحى جي برڪتن ۽ خوشي جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله ڪري هي برڪتن واري عيد ۽ قرباني جو جذبو اسان سڀني ۾ همدرديءَ، ايثار ۽ اتحاد کي فروغ ڏي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي اچو اسان ضرورتمندن کي ياد رکون ۽ خلوص ۽ عاجزي سان انسانيت جي خدمت ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن دعا ڪئي ته الله تعالى اسان جون قربانيون قبول فرمائي، اسان جي ملڪ کي امن، خوشحالي ۽ قوت عطا فرمائي ۽ اسان جي خطي سميت پوري دنيا ۾ هم آهنگي ۽ استحڪام قائم ڪري.











