اسلام آباد- 27 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيدالاضحي جي موقعي تي پوري قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته اهو بابرڪت مذهبي ڏهاڙو حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي عظيم قرباني ۽ الله تعاليٰ جي حڪم آڏو ڪامل تسليم ۽ رضا تي راضي رهڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مسلمان امت کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 27 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيدالاضحي جي موقعي تي پوري قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته اهو بابرڪت مذهبي ڏهاڙو حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي عظيم قرباني ۽ الله تعاليٰ جي حڪم آڏو ڪامل تسليم ۽ رضا تي راضي رهڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ اسان کي ايثار ۽ قرباني، صبر ۽ استقامت ۽ انسانيت جي خدمت جو عظيم سبق ڏئي ٿي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ جو حقيقي پيغام پنهنجي خواهشن، انا ۽ ذاتي مفادن کي اجتماعي ڀلائي ۽ الله تعاليٰ جي رضا لاءِ قربان ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهو مقدس موقعو اسان کي گڏيل محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ معاشري جي ڪمزور ۽ مستحق طبقن جي مدد ۽ دلجوئي ڪرڻ جو احساس ڏياري ٿو. هن چيو ته خوشين جي ان موقعي تي اسان کي غريب، مسڪين، ضرورتمند ماڻهن کي وسارڻ نه گهرجي. هنن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ ۽ دل کولي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن اتحاد، قومي يڪجهتي ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ اتحاد ۽ اتفاق اڻٽر آهي. هن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ معصوم شهرين خلاف جاري جارحيت جي فوري خاتمي ۽ عالمي برادري جي اثرائتي ڌيان جي ضرورت تي به زور ڀريو. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته پاڪستان کي امن، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام عطا فرمائي ۽ پاڪستاني قوم کي اتحاد ۽ اتفاق سان ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيدالاضحيٰ اتحاد، قرباني، ڀائيچاري ۽ ايثار جو عظيم سبق ڏئي ٿي. هن ان خوشين واري موقعي تي محبت، برداشت ۽ انسانيت جي خدمت جي جذبي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هڪ مضبوط، پرامن ۽ فلاحي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ انهن قدن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي.











