اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پارن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيل سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ بندي ۽ امن لاءِ هڪ اعتماد جوڳي ٽياڪڙ طور اڀري سامهون آيو. پاڪستان جي منفرد جغرافيائي اهميت، مضبوط …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ٽياڪڙي واري ڪردار جي عالمي سطح تي تعريف

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پارن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيل سفارتي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ بندي ۽ امن لاءِ هڪ اعتماد جوڳي ٽياڪڙ طور اڀري سامهون آيو. پاڪستان جي منفرد جغرافيائي اهميت، مضبوط عسڪري ۽ انٽيلي جنس صلاحيتون ۽ آمريڪا، ايران، چين، نار ملڪن ۽ ترڪيه سان متوازن لاڳاپن کيس اهو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق بڻايو. ٻين علائقائي ملڪن جي ابتڙ اسلام آباد تشهير بدران خاموش نتيجه ڏيندڙ ۽ بيڪ ڊور سفارتڪاري تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪئي. عالمي ميڊيا رپورٽن، جن ۾ ٽي آر ٽي ۽ سي بي ايس شامل آهن، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪردار جي تعريف ڪندي چيو ته سندس حقيقت پسنداڻي، عملي ۽ نتيجن تي ٻڌل سفارتي انداز واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ڏکين دورن ۾ به رابطا برقرار رکڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيو. رپورٽن موجب تهران جي اعليٰ سطحي دورن ۽ آمريڪي اختيارين سان رابطن جنگ بندي جي انتظامن کي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان جي عسڪري قيادت پاڪستان سعودي دفاعي تعاون جهڙن قدمن ۽ اولهندي سرحدن تي دهشتگردي خلاف اثرائتين ڪارروائين ذريعي خطي ۾ پاڪستان جي اهميت کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. ماهرن موجب دهشتگردي جي خاتمي کي هاڻي علائقائي ٽياڪڙ ۽ اقتصادي رابطن لاءِ بنيادي شرط تصور ڪيو پيو وڃي. رپورٽن ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل آمريڪا ايران ڳالهين ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي به اجاگر ڪيو ويو. سندس موجب جڏهن ٻيا روايتي ٽياڪڙ مختلف مجبورين جو شڪار هئا ته پاڪستان ٻنهي ملڪن سان پنهنجن ويجهن لاڳاپن سبب اثرائتو ٽياڪڙ ٿي سامهون آيو. عالمي ميڊيا فيلڊ مارشل عاصم منير کي آمريڪا پاران اعتماد جوڳو ٽياڪڙ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستاني سفارتي چينلز سان سندس ڪوششن ڳالهين ۽ ٻن هفتن تي ٻڌل نازڪ جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڪيترن ئي موقعن تي پاڪستان جي ڪوششن جي تعريف ڪئي. فيلڊ مارشل عاصم منير کي پنهنجو پسنديده فيلڊ مارشل قرار ڏنو ۽ جنگ بندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان ۽ ان جي قيادت جي ڪردار کي اهم سڏيو، صدر ٽرمپ جنگ بندي جي اعلان دوران پاڪستاني قيادت سان ٿيل ڳالهين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ڊگهي تڪرار کي روڪڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. جنگ بندي معاهدي کان سواءِ سڄي دنيا جا اڳواڻ ۽ عالمي ادارن پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش، يورپي يونين جي اڳواڻن، سعودي عرب، چين، آسٽريليا ۽ برطانيه جي اختيارين سميت ڪيترن ئي عالمي شخصيتن پاڪستان جي ٽياڪڙي وارين ڪوششن کي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏيندي پائيدار امن لاءِ سندن ڪوششن جي تسلسل تي زور ڀريو.











