عرفات- 26 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سمورن حاجي سڳورن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته حاجي سڳورا سموري اسلامي دنيا ۽ پوري دنيا ۾ امن لاءِ دعائون گهرن. پنهنجي بيان ۾ هن پاڪستاني حاجي سڳورن کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان جي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون گهرن. وفاقي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد …
حاجي سڳورا پوري اسلامي دنيا ۽ سڄي دنيا ۾ امن لاءِ دعائون ڪن: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

مزید خبریں
عرفات- 26 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سمورن حاجي سڳورن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته حاجي سڳورا سموري اسلامي دنيا ۽ پوري دنيا ۾ امن لاءِ دعائون گهرن. پنهنجي بيان ۾ هن پاڪستاني حاجي سڳورن کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان جي استحڪام ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون گهرن. وفاقي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز کي بهترين حج انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت تي مذهبي معاملن واري وزارت حاجي سڳورن لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن. حج مشن پوري عزم ۽ استحڪام سان حاجي سڳورن جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ پوري دنيا ۾ پاڪستان کي عزت بخشي، سڀ ماڻهو وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جنرل سيد عاصم منير ۽ پاڪ فوج لاءِ خاص دعائون گهرن.











