عرفات، مڪو پاڪ- 26 مئي (اي پي پي) مسجد نبوي جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي چيو آهي، ته تقويٰ اختيار ڪرڻ ايمان وارن جو شان آهي، اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽تقويٰ اختيار ڪيو، پنهنجي عهد جي پاسداري ڪيو، هميشه سچ ڳالهايو ۽ غلط بياني کان پاسو ڪيو، بدعت ۽ غيبت کان پري رهو، عرفات جي ميدان جي مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي هن …
آخرت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي توحيد آهي، تقويٰ اختيار ڪرڻ ايمان وارن جو شان آهي: حج جو خطبو

مزید خبریں
عرفات، مڪو پاڪ- 26 مئي (اي پي پي) مسجد نبوي جي امام ۽ خطيب شيخ ڊاڪٽر علي الحذيفي چيو آهي، ته تقويٰ اختيار ڪرڻ ايمان وارن جو شان آهي، اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽تقويٰ اختيار ڪيو، پنهنجي عهد جي پاسداري ڪيو، هميشه سچ ڳالهايو ۽ غلط بياني کان پاسو ڪيو، بدعت ۽ غيبت کان پري رهو، عرفات جي ميدان جي مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي هن چيو ته قيامت جو زلزلو انتهائي شديد آهي، جڏهن ته آخرت جي سڀ کان وڏي ڪامياب توحيد آهي. جيڪي ماڻهو شرڪ ۽ ڪُفر ڪن ٿا اهي اهڙين شين کي سڏين ٿا جيڪي ڪنهن نفعي ۽ نقصان جو اختيار نٿيون رکن. هن چيو ته جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ان لاءِ الله ٻٽي جنت رکي آهي. الله سائين صبر ڪندڙن کي پسند فرمائي ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ، حضرت ابراهيم عليه السلام کي چيو حج لاءِ منادي ڏي ۽ الله تعاليٰ پري پري تائين اهو آواز پهچائيندو. پري پري کان ماڻهو حج لاءِ آيا آهن ته جيئن دنيا ۽ آخرت ۾ هو ڪامياب ٿين. هتي جهيڙا نه ڪرڻ گهرجن ۽ گناهه نه ڪرڻ گهرجن ۽ سمورين شين جن جو الله تعاليٰ واعدو ڪيو آهي انهن کي پورو ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪو به الله تعاليٰ جو احترام ئي تقويٰ جي نشاني آهي. ڊاڪٽر شيخ علي الحذيفي چيو ته هميشه سچ ڳالهايو ۽ غلط بياني کان پرهيز ڪيو، بدعت ۽ غيبت کان پري رهو، حاجي سڳورا عرفات مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ منيٰ ويندا، حاجي سڳورا حج جا رڪن بهترين انداز ۾ ادا ڪن. هن چيو ته حاجي سڳورا هر لمحي مغفرت جي دعا ڪندا رهن، الله تعاليٰ جو ذڪر ۽ عبادت ۾ مصروف رهن، نماز قائم ڪن، الله تعاليٰ ئي دعائون قبول ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي مختلف رنگن جا ماڻهو هتي آيا آهن، جيڪو الله تعاليٰ پاران وڏو مظهر آهي. الله تعاليٰ فرشتن ۾ انهن حاجين تي فخر ڪري رهيو آهي، جيڪي اڄ جمع ٿيا ۽ عبادت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حج پانڌيئڙا هتي عرفات ۾ قيام ڪندا پوءِ ايندڙ ڏينهن مزدلفه ويندا جنهن کان پوءِ حج پانڌيئڙا منيٰ ويندا ۽ منيٰ ۾ ڪثرت سان الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻو آهي. اوهان هتي منيٰ ۾ رهندي 11 ۽ 12 جون راتيون گذاريندا ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ کن اڳ طواف ڪندا. هن آخر ۾ دعا ڪئي ته يا الله سمورن حاجين کي به حفاظت ۽ سلامتي سان واپس پنهنجي گهرن ڏانهن موٽاءِ ۽ انهن جي دلين ۾ حق کي جمع ڪري ۽ انهن جي حج جي سمورن رڪنن کي قبول فرماءِ. آمين.











