ڀارت گڏيل آبي وسيلن تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) موسمياتي تديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ گذريل ڏينهن خبردار ڪيو ته پاڻي جي ورهاست عالمي معاهدن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون هيٺانهين وارن ملڪن جي حقن کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿيون. هن چيو ته ڀارت پراڻي عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي گڏيل آبي وسيلن تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. دوشنبه ۾ پاڻي جي موضوع …

اسلام آباد- 26 مئي (اي پي پي) موسمياتي تديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ گذريل ڏينهن خبردار ڪيو ته پاڻي جي ورهاست عالمي معاهدن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون هيٺانهين وارن ملڪن جي حقن کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿيون. هن چيو ته ڀارت پراڻي عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪندي گڏيل آبي وسيلن تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. دوشنبه ۾ پاڻي جي موضوع تي چوٿين اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته سرحد پار درياهن کي متاثر ڪرڻ هڪ طرفي قدمن سان پاڻي جي حفاظت، خوراڪ جي پيداوار ۽ موسمياتي لچڪ بابت سنگين عالمي چئلينجز پيدا ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته آبي جارحيت قبولڻ جوڳي ناهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪنهن به ملڪ کي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ يا عالمي معاهدن کي هڪ طرفي طور رد ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ته جيئن ٻيون قومون پاڻي جي پنهنجي جائز حقن کان محروم نه ٿين. هن ڀارت تي زور ڀريو ته 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي جو احترام ڪري ۽ عالمي ٽياڪڙ جي طريقيڪار جو احترام ڪري. هن خبردار ڪيو ته ان معاهدي کي رد ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش سڄي دنيا جي هيٺاهين وارن ملڪن لاءِ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪندي. هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙي طرح جا قدم عالمي معاملن ۾ گهڻ رخي زوال ثابت ٿيندا. هن چيو ته تعاون تي ٻڌل عالمي فريم ورڪ تيزي سان هڪ طرفو نقطئه نظر بدلجي رهيو آهي. هن خبردار ڪيو ته تيزي سان ايندڙ ”سپر فلڊز“ ملڪ تي معاشي دٻاءُ کي تيز ڪري رهيا آهن ۽ زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ذريعي غذائي تحفظ جي خدشن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس دوران وفاقي وزير گليشيئر جي پگهرڻ ۽ ماحولياتي نظام جي تحفظ تي علائقائي تعاون جي فوري ضرورت تي به زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان ٻئي اٽڪل 13000 گليشيئرز رکندڙ آهن، جڏهن ته عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري اٽڪل 1000 گليشيئرز ضايع ٿي چڪا آهن. هن گهٽجندڙ گليشيئرز جي نگراني ۽ گڏيل ماحولياتي نظام جي حفاظت لاءِ سرحد پار مضبوط رابطي ڪاري تي زور ڀريو جڏهن ته علائقائي آبهوا ۽ تحفظ جي پروٽوڪولز تي به ڳالهين ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ جهنگلي حيات جي تحفظ جي قدمن تي تعاون به شامل آهي. دوشنبه ڪانفرنس کي وسيع پيماني تي گڏيل قومن جي ايندڙ آبي ڪانفرنس لاءِ هڪ تياري جي فورم طور ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ موسمياتي تبديلي، عالمي پاڻي جي حڪمراني ۽ عالمي آبي تحفظ جي حوالي سان وڌندڙ خدشن کي ختم ڪرڻ جي اميد آهي. وفاقي وزير پاڻي جي ورهاست جي عالمي معاهدن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مضبوط عالمي عزم تي زور ڀريندي چيو ته عالمي سطح تي پاڻي جي معاهدن جي تعميل عالمي برادري کي درپيش وڏن حل طلب چئلينجن مان هڪ آهي.