جده- 26 مئي (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪوئٽا ۾ ٽرين تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بيگناهه حياتيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير پاران گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو ته جنرل سيڪريٽريٽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي هر صورت کي رد …
او آءِ سي پاران ڪوئٽا ۾ ٽرين تي دهشتگرد حملي جي مذمت
جده- 26 مئي (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ ڪوئٽا ۾ ٽرين تي ٿيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بيگناهه حياتيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير پاران گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ويو ته جنرل سيڪريٽريٽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي هر صورت کي رد ڪرڻ وارو او آءِ سي جو موقف ورجايو آهي. بيان ۾ پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽تعزيت جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي. اسلامي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ملڪ جي امن، سلامتي ۽استحڪام لاءِ حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.












