بيجنگ- 26 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي، ته سندن هميشه اهو موقف رهيو آهي ته مسئلن جي حل جو صحيح رستو ڳالهيون ۽ صرف ڳالهيون ئي آهي، طاقت جو استعمال ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائونينگ گذريل ڏينهن معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چئي. هن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ …
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جا دروازا ٻيهر بند نه ٿيڻ گهرجن: چين
بيجنگ- 26 مئي (اي پي پي) چين چيو آهي، ته سندن هميشه اهو موقف رهيو آهي ته مسئلن جي حل جو صحيح رستو ڳالهيون ۽ صرف ڳالهيون ئي آهي، طاقت جو استعمال ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائونينگ گذريل ڏينهن معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چئي. هن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏهن ڳالهين جا دروازا کليل آهن، ته اهي ٻيهر بند نه ٿيڻ گهرجن. صورتحال کي پر امن رکڻ جي رجحان کي مستحڪم ڪرڻ گهرجي، سياسي حل قائم رهڻ گهرجي ۽ ڳالهين ۽ ڳالهين ذريعي سمورين ڌرين جي ڳڻتي جو حل ڪڍڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته جلد سامونڊي رستو ٻيهر کلڻ گهرجي ۽ عالمي برادري جي آواز تي هاڪاري جواب ڏيڻ گهرجي، عالمي صنعتي ۽ سپلائي چين جي استحڪام کي گڏيل طور برقرار رکڻ گهرجي.












