اوٽاوا - 26 مئي (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا جي شهرين سان مبينه ناروا سلوڪ تي آزاد جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو مطالبو هن اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ڪيو. ڪينيڊين وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب مارڪ ڪارني چيو ته فلوٽيلا ۾ موجود شهرين، جن ۾ ڪينيڊين شهري به شامل هئا، سان افسوسناڪ سلوڪ …
ڪينيڊين وزيراعظم پاران غزه فلوٽيلا واقعي جي آزاد جاچ جو مطالبو
اوٽاوا – 26 مئي (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا جي شهرين سان مبينه ناروا سلوڪ تي آزاد جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو مطالبو هن اسرائيلي صدر اسحاق هرزوگ سان ٽيليفونڪ ڳالهين دوران ڪيو. ڪينيڊين وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب مارڪ ڪارني چيو ته فلوٽيلا ۾ موجود شهرين، جن ۾ ڪينيڊين شهري به شامل هئا، سان افسوسناڪ سلوڪ قبولڻ جوڳو ناهي. هن اسرائيل جي قومي سلامتي واري وزير جي بيانن جي به شديد مذمت ڪئي ۽ زور ڀريو ته سمورن شهرين جي تحفظ ۽ انساني وقار جو هر صورت ۾ احترام ڪرڻ گهرجي. مارڪ ڪارني غزه ۾ جاري انساني بحران کي تباهه ڪن قرار ڏيندي فوري ۽ بنا رڪاوٽ امداد جي بحالي جو مطالبو به ڪيو. ياد رهي ته غزه ويندڙ امدادي فلوٽيلا جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گذريل هفتي اسرائيل جي اشدود بندرگاهه آندو ويو هو، جتي ڪجهه ڪارڪنن سان ناروا سلوڪ جي ويڊيو منظر عام تي اچڻ کان پوءِ عالمي سطح تي شديد رد عمل سامهون آيو.












