چين پاڪستان جي معاشي خودمختياري جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي خودمختياري جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو، چيني قيادت سان گڏجي سي پيڪ 2.0 تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فريم ورڪ تحت زراعت هڪ ڀيرو ٻيهر سرفهرست آهي، مضبوط دوستي کي زراعت، صنعت، تحقيق ۽ ترقي ۽ ٻين اسٽريٽجڪ شعبن ۾ نئين انقلاب ۾ تبديل ڪنداسين، زرعي …

بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي خودمختياري جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو، چيني قيادت سان گڏجي سي پيڪ 2.0 تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فريم ورڪ تحت زراعت هڪ ڀيرو ٻيهر سرفهرست آهي، مضبوط دوستي کي زراعت، صنعت، تحقيق ۽ ترقي ۽ ٻين اسٽريٽجڪ شعبن ۾ نئين انقلاب ۾ تبديل ڪنداسين، زرعي تعاون جي لاءِ مضبوط عملي اڳڀرائي جي ضرورت آهي، اسان گڏجي پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ سمورا هدف حاصل ڪنداسين، نوجوان اسان جو مستقبل آهن، هڪ هزار نئين زرعي گريجوئيٽس کي جديد زرعي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ چين جي يونيورسٽين ۾ موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي دوري جي موقعي تي پاڪ – چين زرعي تعاون تي منعقد ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جي هن ناليواري اداري جو دورو منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي جيڪو زرعي تحقيق ۽ ترقي جي فروغ ۾ عالمي شهرت رکندڙ آهي، مون کي اعزازي پروفيسرشپ جو جيڪو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي اهو اعزاز حاصل ڪرڻ رڳو منهنجي لاءِ ئي نه پر پوري پاڪستاني قوم جي لاءِ فخر جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ پرجوش سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون، ان اعزاز کي حاصل ڪرڻ ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي اها تاريخي سالگرهه غيرمعمولي ۽ يادگار موقعو آهي، اسان گڏجي ان مضبوط ڀائيچاري کي معاشي تبديلي ۽ انقلاب ۾ تبديل ڪنداسين، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، صنعت، تحقيق ۽ ترقي ۽ گڏيل تعاون جي ٻين اسٽريٽجڪ شعبن ۾ هڪ ٻئي سان گڏجي معاشي تبديلي ۽ انقلاب آڻينداسين، اسان زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ چين جي تعاون جا خواهشمند آهيون، نوجوان اسان جو مستقبل آهن، پاڪ چين تعاون انهن جي ويجهي رابطي جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، اسان پنهنجي نوجوان ڪاروباري ماڻهن، آبادگارن ۽ سائنسدانن جي ڳالهه ڪريون ٿا جيڪي معيشت ۾ ترقي، جدت ۽ ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي تعاون جي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون آهن، ان تي چين پاران ٺوس اڳڀرائي جي ضرورت آهي، زرعي شعبي ۾ اهي سمورا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين جن جا اسان وڏي عرصي کان منتظر آهيون. اسان کي پنهنجي زرعي تحقيقي مرڪزن کي بحال ڪرڻو پوندو، تحقيق کي ترقي ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ نئين صلاحيتن کي سامهون آڻڻو پوندو، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري بنياد تي پاڪستان ۾ دنيا جي بهترين اڪيڊمي قائم ڪريو، دنيا جي بهترين استادن ۽ سائنسدانن کي سامهون آڻيو اهي پاڪستان ۾ دستياب آهن، اسان چاهيون ٿا ته چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز (ڪاس) اسان جي تحقيقي مرڪز جي منصوبي جي قيادت سنڀالي، توهان جي انتظام هيٺ فيڪلٽي اهو ڪم ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته چيني حڪومت، چيني قيادت ۽ پاڪستان ۾ چين جي سفير ۽ پاڪستان جي سفير جي ڪوششن سان پاڪستان جي چئني صوبن مان هڪ هزار نئين زرعي گريجوئيٽس کي چيني يونيورسٽين ۾ جديد زرعي ڪورسز ۽ جديد تربيت جي لاءِ موڪلڻ جي تجويز پيش ڪريان ٿو، ماضي وانگر هن ڀيري به شاگردن جي چونڊ مڪمل طور تي ميرٽ تي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون انتهائي ڪارائتيون، دوستاڻي ۽ پرجوش رهيون آهن، اسان سي پيڪ 2.0 تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان فريم ورڪ تحت زراعت هڪ ڀيرو ٻيهر سرفهرست آهي، صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي انهن جملن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان ته چين ۽ پاڪستان سدا بهار دوست آهن ۽ چين پاڪستان جي معاشي خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندو، جيڪو اسان جي مستقبل ۽ اسان جي سلامتي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم پاڪستاني شاگردن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان پاڪستان جا روشن ستارا آهيو ۽ پاڪستان جو روشن مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي مون کي يقين آهي ته وطن واپس اچڻ تائين توهان جديد ترين تعليم ۽ ٽيڪنيڪ سان ليس ٿي چڪا هوندا ۽ پاڪستان جي زراعت ۾ انقلاب آڻيندا جيڪو اسان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) حال ۽ مستقبل جا علم آهن، جيڪڏهن اسان کي معيشت کي مجموعي طور تي تبديل ڪرڻو آهي ته ان جو مرڪز زراعت ئي آهي، توهان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو، وطن واپسي تي وزيراعظم هائوس ۾ توهان کي گهرايو ويندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پختي عزم جي توثيق ڪندي چيو ته زراعت، سائنس، جدت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو، اسان پنهنجي يونيورسٽين، سائنسدانن، محققين ۽ نوجوانن جي وچ ۾ مضبوط اداراجاتي رابطو قائم ڪندا رهنداسين ته جيئن دوستي جو جيڪو ٻج اڄ اسان پوکي رهيا آهيون اهو ايندڙ نسلن جي لاءِ خوشحالي ۽ گڏيل ترقي جو ميوو ڏي. ان کان اڳ چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي صدر هوانگ سان وين چيو ته سي اي اي ايس چين جو قومي جامع زرعي تحقيق جو ادارو آهي، اها اڪيڊمي 1957ع ۾ قائم ٿي، اسان جي اداري جو مقصد زرعي ۽ ڳوٺاڻي ترقي ۽ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي چئلينجز جو تحقيق ۽ جدت جي ذريعي حل ڳولڻ آهي، گذريل 5 سالن ۾ اسان 300 کان وڌيڪ ٻطرفي حصيدارن ۽ 50 عالمي تنظيمن سان حصيداري قائم ڪئي آهي، اسان کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ميزباني جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جامع اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۾ ڪاس چين ۽ پاڪستان جي قيادت ۽ حڪومتن جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ تي عملدرآمد ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪاس 2024ع ۾ پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل سان هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ته جيئن جامع تعاون کي مضبوط بڻائي سگهجي، ان کانسواءِ ڪاس گذريل سال سدرن ٽيلنٽ انيشي ايٽو تحت 86 تربيت ماڻيندڙن جو پڻ استقبال ڪيو، ڪاس مسلسل ٽن اجلاسن ۾ چين پاڪستان گڏيل زرعي ورڪنگ گروپ جي ميزباني پڻ ڪري چڪو آهي، 2025ع ۾ انهي گڏيل ورڪنگ گروپ تحت ٽيون پاڪستان زرعي ٽيڪنالاجي ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو ويو، ڪاس پاڪستان جي 10 کان وڌيڪ حصيدار ادارن سان اٽڪل سمورن علمي شعبن ۾ ويجهو تعاون ڪري رهيو آهي، اسان هيستائين مجموعي طور تي 216 پاڪستاني پي ايڇ ڊي ۽ ماسٽرز شاگردن کي تعليم فراهم ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته ڪاس ان عزم تي قائم آهي ته اهو زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندو. ڪوآرڊينيٽر زراعت ۽ غذائي تحفظ احمد عمير چيو ته پاڪستان چين سان تعاون جي ذريعي پنهنجي زرعي شعبي ۾ ڪجهه مهينن ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو، وزيراعظم جي نمايان قدمن ۾ هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس جي چين ۾ تربيت شامل آهي، چين مان تربيت حاصل ڪندڙ زرعي گريجوئيٽس پاڪستان ۾ زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنيڪي معلومات جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جو سنگين چئلينج درپيش آهي، پي اي آر سي پاڪستان ۾ ڪاس جي برابر ادارو آهي، پي اي آر سي ۾ پاڪستان ۽ سڄي دنيا خاص طور تي چين جا ناليوارا سائنسدان ڪم ڪندا، اسان پنج سينٽر آف ايڪسي لينس قائم ڪري رهيا آهيون، پهريون سينٽر آف ايڪسي لينس فصلن ۽ باغباني جي شعبي ۾ تحقيق جي لاءِ قائم ڪيو پيو وڃي، سمورا سينٽرز آف ايڪسي لينس ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ۾ قائم ڪيا ويندا، اسان مستقبل جي لاءِ هڪ ڊگهي مدي وارو اسٽريٽجڪ تعلق چاهيون ٿا ۽ چيني ۽ پاڪستاني سائنسدانن جي وچ ۾ مستقل تحقيقي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان زراعت کي ٻج کان وٺي کاڌي جي ميز تائين جي پوري عمل کي ٺوس انداز ۾ فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، زرعي شعبي جي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. تقريب ۾ وزيراعظم کي چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جي صدر پروفيسر هوانگ سان وين وزيراعظم کي اعزازي پروفيسرشپ جو سرٽيفڪيٽ پڻ پيش ڪيو.