وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران صدر شي جن پنگ سان ملاقات اعزاز جوڳي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي سرڪاري دوري دوران صدر شي جن پنگ سان گذريل ڏينهن ٿيندڙ ملاقات کي پنهنجي لاءِ اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي ۽ آزمايل دوستي جي حوالي سان گرمجوش جذبن جي مٽاسٽا ڪئي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ …

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي سرڪاري دوري دوران صدر شي جن پنگ سان گذريل ڏينهن ٿيندڙ ملاقات کي پنهنجي لاءِ اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻي ۽ آزمايل دوستي جي حوالي سان گرمجوش جذبن جي مٽاسٽا ڪئي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان تعاون تي ٻڌل هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري جي مضبوطي کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان جي دوستي گڏيل احترام، گڏيل خواهشن ۽ علائقائي امن، رابطن ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اڻٿڪ عزم جي بنياد تي مسلسل ترقي ڪري رهي آهي ۽ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.