نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو

نيويارڪ – 26 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو، سندس دورو 26 کان 28 مئي تائين هوندو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم دوري دوران “عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي: گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل قومن جي مرڪزيت واري عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ” جي موضوع تي گڏيل قومن …

نيويارڪ – 26 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سرڪاري دوري تي نيويارڪ پهچي ويو، سندس دورو 26 کان 28 مئي تائين هوندو. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم دوري دوران “عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي: گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل قومن جي مرڪزيت واري عالمي نظام کي مضبوط بڻائڻ” جي موضوع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اعلى سطح جي بحث ۾ شرڪت ڪندو جنهن جو انعقاد گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چين جي صدارت ۾ ڪيو پيو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصبن کانسواءِ گڏيل قومن جي اعلى عملدارن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو نيويارڪ اچڻ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد ۽ نيويارڪ ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل عامر احمد آتوزئي استقبال ڪيو.