صدر آصف علي زرداري پاران جارجيا جي صدر ميخائل ڪاويلا شولي ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪون

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري جارجيا جي صدر ميخائل ڪاويلا شولي ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جارجيا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن لاڳاپن جي تسلسل جا امڪان روشن آهن. هن چيو ته پاڪستان جارجيا سان گڏيل دلچسپي …

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي)  صدر آصف علي زرداري جارجيا جي صدر ميخائل ڪاويلا شولي ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جارجيا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن لاڳاپن جي تسلسل جا امڪان روشن آهن. هن چيو ته پاڪستان جارجيا سان گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعميري تعاون جي ذريعي ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ان جا ثمر حاصل ٿين. صدر چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جي ذريعي ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو پڻ خواهشمند آهي. صدر جارجيا جي عوام جي امن ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهارڪيو.