چين جي ترقي، غربت، بيروزگاري، بيمارين ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي قابل رشڪ سفر مان دنيا کي سکڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف

بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سخت محنت ۽ مسلسل ڪوششن سان پاڪستان ۾ ترقي جي لاءِ چين جو معاشي ماڊل اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين جي ترقي، غربت، بيروزگاري، بيمارين ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي قابل رشڪ سفر مان دنيا کي سکڻ گهرجي، پاڪستان چين دوستي جي وڻ جون پاڙون تمام گهڻيون مضبوط آهن، ان طوفانن کي …

بيجنگ – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سخت محنت ۽ مسلسل ڪوششن سان پاڪستان ۾ ترقي جي لاءِ چين جو معاشي ماڊل اختيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين جي ترقي، غربت، بيروزگاري، بيمارين ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي قابل رشڪ سفر مان دنيا کي سکڻ گهرجي، پاڪستان چين دوستي جي وڻ جون پاڙون تمام گهڻيون مضبوط آهن، ان طوفانن کي منهن ڏنو آهي، ڇانو فراهم ڪئي آهي ۽ تمام مٺو ڦل ڏنو آهي، اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ان جون نيون شاخون وڌن ويجهن ته جيئن ايندڙ نسل اهو ورثو حاصل ڪري جيڪو اسان جي بزرگن جي تصور کان به وڌيڪ مضبوط لاڳاپا رکندڙ هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي حوالي سان خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ عوامي جمهوريه چين جي نائب صدر هانزينگ ۽ پاڪستان جي وفد جي ميمبرن ۽ ٻين شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته بيجنگ ۾ اسان جي ٻنهي عظيم ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي، اسان جي عظيم اڳواڻن گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ اهي لاڳاپا وڏي لڳاءُ، عقيدت ۽ خلوص سان قائم ڪيا آهن، اهي لاڳاپا هاڻي هڪ اهڙي بلند مقام تي پهچي چڪا آهن جو انهن جو ڪو ثاني نه آهي ۽ نه ئي ان جهڙو ڪو مثال ملي سگهي ٿو، انهن 7 ڏهاڪن ۾ چين سخت ۽ اڻٿڪ محنت سان جنگ جي راک مان اٿي شان ۽ شوڪت جي بلند ترين چوٽيءَ تائين پهچڻ جو سفر طئي ڪيو آهي اهو قابل رشڪ سفر آهي جنهن مان دنيا جي سمورن ملڪن کي سبق سکڻ گهرجي ته ڪيئن غربت، بيروزگاري، بيمارين ۽ چئلينجز تي ضابطو آندو وڃي. جيڪڏهن ثابت قدم رهجي ته آخرڪار اهو حاصل ٿئي ٿو جيڪو چين حاصل ڪيو آهي. چين اڄ هڪ عالمي معاشي طاقت ۽ عالمي فوجي طاقت آهي ۽ هي ٻنهي ملڪن جي دوستي جو سنهري دور آهي. وزيراعظم پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ چين جي اڳوڻي وزيراعظم چواين لائي جي پاڪستان جي دوري ۽ لاهور ايئرپورٽ تي استادن ۽ شاگردن سان گڏ ان جي استقبال جو يادگار واقعو بيان ڪيو. وزيراعظم چيو ته 2010ع ۾ پاڪستان ۾ شديد ٻوڏ آئي ته چين جي حڪومت فوري طور تي پاڪستاني ڀائرن جي دل کولي مدد ڪئي، ريسڪيو هيليڪاپٽرز ۽ ريسڪيو ٽيمون، دوائون ۽ ٻيو سامان موڪليو، چيني ڀائرن ۽ ڀينرن، ڊاڪٽرن ۽ ماهرن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪ جان ٻه دل آهن ۽ اسان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي. صدر شي جن پنگ جي متحرڪ ۽ بصيرت افروز قيادت ۾ چين 80 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي. چين معاشي طاقت جي لحاظ کان ڪنهن کان گهٽ نه آهي، چين فوجي طاقت جي لحاظ کان دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج جي برابر آهي ان جي باوجود به صدر شي جن پنگ جو فلسفو، گهڻ رخي طريقيڪار کي فروغ ڏين، امن کي فروغ ڏيڻ ۽ انتهائي خطرناڪ تڪرارن جي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل ڪرڻ جو سندس ويزن کيس نه رڳو هڪ بلند شخصيت پر هن دور جي سڀ کان وڌيڪ قابل احترام اڳواڻن مان هڪ بڻائي ڇڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو اسان ان مان سبق سکون جيڪو مسلسل ڪوششن، محنت ۽ قربانين جو سفر آهي جيڪو هن جديد دور جي معجزي ۾ تبديل ٿيو آهي. چين پنهنجي معاشري کي مڪمل طور تي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي لاءِ اهو هڪ ڊگهو سفر آهي پر دنيا جو سڀ کان ڊگهو سفر به پهرين قدم کان شروع ٿئي ٿو. اچو اسان پهريون قدم کڻون ۽ يقين ڏياريان ٿو ته گڏيل ۽ انفرادي طور تي اسان سخت محنت ۽ مسلسل ڪوششن سان پاڪستان ۾ هڪ ننڍو چيني معاشي ماڊل هڪ ڏينهن ضرور ۽ جلد حاصل ڪري وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين دوستي جي وڻ جون پاڙون تمام گهڻيون مضبوط آهن. ان طوفانن کي منهن ڏنو آهي، ڇانو فراهم ڪئي ۽ ڪيترائي مٺا ميوا ڏنا آهن. اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته ان جون نيون شاخون وڌن ويجهن ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل اهو ورثو حاصل ڪري جيڪو اسان جي بزرگن جي تصور کان به وڌيڪ مضبوط لاڳاپا رکندڙ هجي. تقريب کي خطاب ڪندي چين جي نائب صدر هان زينگ چين جي حڪومت پاران پاڪستان سان سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڀليڪار ڪيو. هن چيو ته اپريل 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ پاڪستان جو تاريخي دورو ڪيو جنهن ۾ چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي جامع اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري تائين پهچايو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ هڪ خاڪو تيار ڪيو ويو. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪارائتي ملاقات ٿي آهي، جنهن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئين اسٽريٽجڪ سگهه فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جاگرافيائي ۽ گڏيل مستقبل جي ذريعي ڳنڍيل سٺا دوست آهن، ماضي جي اسان جي قائدين ذاتي ڌيان سان اسان جي روايتي دوستي کي وڌايو، 75 سال اڳ جڏهن کان اسان جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جو احترام ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي اعتماد رکن ٿا، هڪ ٻئي جي حمايت ۽ هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿا. پاڪستان سدائين چين سان مضبوطي سان گڏ بيٺل رهيو آهي. اهڙي طرح چين سدائين ضرورت جي وقت پاڪستان جو مضبوط حمايتي رهيو آهي. قراقرم هاءِ جيڪو اسان جي ٻنهي ملڪن کي ڳنڍي ٿو کان وٺي اسان جي گڏيل منصوبي سي پيڪ 2.0 تائين چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون پنهنجي دائره ڪار سگهه ۽ گهرائي ۾ مسلسل وڌندو رهيو آهي ۽ ان اسان جي ٻنهي ملڪن جي عوام کي عملي ۽ واضح فائدا پهچايا آهن.