چين ۽ پاڪستان پاران هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري جي موقعي گڏيل پڌرنامو جاري

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان جي هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ عالمي قانون تي ٻڌل عالمي نظم ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن موجب عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي تحفظ تي متفق آهن، چين پاڪستان سان گڏجي گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو تي مڪمل عملدرآمد ڪندو، چين خطي …

اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) چين ۽ پاڪستان جي هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ عالمي قانون تي ٻڌل عالمي نظم ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن موجب عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي تحفظ تي متفق آهن، چين پاڪستان سان گڏجي گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو تي مڪمل عملدرآمد ڪندو، چين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي جاري رکندو ۽ فوجي سطح تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. پرڏيهي آفيس موجب گڏيل پڌرنامي ۾ ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چين ۽ پاڪستان جي روايتي دوستي جنهن کي ٻنهي ملڪن جي قيادتن نسل در نسل قائم ڪيو ۽ فروغ ڏنو، ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي لاءِ هڪ اهم اثاثو ۽ اسٽريٽجڪ سرمايو آهي، اها دوستي سفارتي لاڳاپن جي گذريل 75 سالن دوران عالمي ۽ علائقائي حالتن ۾ تبديلين جي باوجود سدائين مضبوط رهي، ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ احترام سان گڏوگڏ ان جي حمايت ڪئي ۽ مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي وقت ۾ اهي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. بيان موجب عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 مئي کان 26 مئي تائين چين جو سرڪاري دورو ڪيو، دوري دوران صدر شي جن پنگ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جڏهن ته وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ڌرين خوشگوار ماحول ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چين پاڪستان هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي نئين ۽ وسيع اتفاق راءِ تائين پهتا، وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ صوبي زي جيانگ جي شهر هانگزو جو ڪامياب دورو ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي صديءَ ۾ پهريون ڀيرو غيرمعمولي تبديليون رونما ٿي رهيون آهن، چين پاڪستان هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري وڌيڪ اسٽريٽجڪ اهميت ۽ افاديت اختيار ڪري وئي آهي. چين ۽ پاڪستان نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي وڌيڪ مضبوط چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ تيز رفتاري سان ڪم ڪندا، جيڪو چين ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مستقبل جي ڪميونٽي جي تعمير جي لاءِ هڪ مثال هوندو. ٻنهي ڌرين پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ، اعلى سطحي مٽاسٽا جي تسلسل، نئين دور ۾ چين پاڪستان گڏيل مستقبل جي وڌيڪ مضبوط ڪميونٽي جي ايڪشن پلان (2025 – 2029ع) تي نمايان اڳڀرائي، گڏيل اعتماد، عملي تعاون، دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۾ گهرائي پيدا ڪرڻ ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن ان تعلق کي ٻنهي عوام جي فائدي ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. پاڪستان صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل “انسانيت جي گڏيل مستقبل جي ڪميونٽي” جي ويزن، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو ۽ گلوبل گورننس انيشي ايٽو جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين صدر آصف علي زرداري جي اپريل ۽ مئي 2026ع ۾ چين جي صوبن هونان ۽ هائنيان جي دوري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي جنوري 2026ع ۾ چين جي دوري، چين پاڪستان پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور ۽ سي پيڪ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو. پاڪستان چين جي قومي عوامي ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نائب چيئرمين ڪائي دافنگ جي مئي 2026ع جي پاڪستان جي دوري ۽ 75هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن مختلف سطحن تي مٽاسٽا ۽ اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن سياسي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿئي ۽ چين پاڪستان لاڳاپا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌندا رهن. ٻنهي ڌرين هڪٻئي جي بنيادي قومي مفادن تي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 2758 جي حيثيت غيرتڪراري آهي. پاڪستان “ون چائنا پاليسي” سان پنهنجي مضبوط وابستگي جو ورجاءُ ڪندي چيو ته تائيوان عوامي جمهوريه چين جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ تائيوان مسئلو چين جي بنيادي قومي مفادن جو مرڪز آهي. پاڪستان چين جي قومي اتحاد جي سمورن قدمن جي حمايت ۽ “تائيوان جي آزادي” جي هر شڪل جي مخالفت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان سنڪيانگ، زيزانگ، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ بحيره چين جي معاملن تي چين جي موقف جي حمايت ڪئي. چين پاڪستان جي خودمختياري، آزادي، علائقائي سالميت، قومي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان چين کي 14هين پنج سالا منصوبي جي اسٽريٽجڪ هدفن جي ڪامياب تڪميل ۽ 15هين پنج سالا منصوبي جي مضبوط شروعات تي مبارڪباد ڏني. چين پاڪستاني قيادت کي “اڏار پاڪستان” قومي اقتصادي تبديلي منصوبي (2024 – 2029ع) تحت معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ڌرين اعلى معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) گڏيل تعاون ڪميٽي جي اجلاس ۽ سي پيڪ 2.0 جي اعلى معيار جي ترقي کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين قراقرم هاءِ وي جي (ٿاڪوٽ – رائيڪوٽ) الائنمنٽ منصوبي کي مرحليوار ۽ منظم انداز ۾ اڳتي وڌائڻ سان گڏوگڏ گوادر بندرگاهه جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻندي ان کي علائقائي رابطن جي مرڪز جي طور تي ترقي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻئي ملڪ دره خنجراب کي موثر انداز ۾ استعمال ڪندي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زميني رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي ترقي ۾ ٽئين ڌر جي شرڪت جي آجيان ڪئي جيڪا چين ۽ پاڪستان جي گڏيل متفقه ماڊل تحت هوندي. ٻنهي ملڪن تي صنعتي پارڪس، ٽيڪسٽائيل، گهريلو برقي اوزارن، معدنيات، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ ترقي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين چين ۾ هڪ هزار پاڪستاني نوجوان زرعي ماهرن جي تربيت جي ڪامياب تڪميل کي ساراهيو. پاڪستان شانشي، هوبي، سيچوان ۽ هائنان صوبن جي حمايت تي ٿورا ادا ڪيا. چين پاڪستان ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ، چيني ڪمپنين جي زرعي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ معياري پاڪستاني زرعي مصنوعات جي چيني منڊيءَ تائين پهچ ۾ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن معيشت، واپار، توانائي، ڊيجيٽل معيشت، ماليات، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي جدت، مصنوعي ذهانت، انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن، پاڻي وسيلن ۽ سامونڊي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جا امڪان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته افرادي تربيت ۾ اضافي، واپاري آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان مشاورت ۽ صنعتي ۽ سپلاءِ چينز جي استحڪام ۽ سلامتي جي گڏيل تحفظ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان چين جي ان تعاون تي ٻڌل فلسفي کي ساراهيو جنهن تحت ماڻهن کي رڳو مڇيءَ ئي نه پر مڇيءَ پڪڙڻ جي مهارت پڻ فراهم ڪئي وڃي ٿي. ڌريون بنيادي ڍانچي، زراعت، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ وڌيڪ “ننڍا پر خوبصورت” عوامي ڀلائي منصوبا شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. چين 2025ع کان 2029ع دوران پاڪستان کي 3 هزار تربيتي موقعا فراهم ڪرڻ جي منصوبي تي عملدرآمد جاري رکندو. ٻئي ملڪ تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ تعاون جي منصوبن تي عملدرآمد ڪندا جڏهن ته جاڙن صوبن ۽ شهرن جي وچ ۾ تعاون کي پڻ سگهه ڏني ويندي. چين ٻن پاڪستاني خلابازن کي تربيت جي لاءِ چين اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هڪ پاڪستاني خلاباز چين جي خلائي اسٽيشن ۾ داخل ٿيندڙ پهريون غيرملڪي خلاباز بڻجندو. ٻئي ملڪ پرامن ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل خلائي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندا. گڏيل پڌرائي موجب چين ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان گڏجي گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو تي مڪمل عملدرآمد ڪندو، چين – پاڪستان سيڪيورٽي حصيداري قائم ڪندو، دهشتگردي جي خاتمي جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي جاري رکندو ۽ فوجي سطح تي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏئي سگهجي. پاڪستان چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چين پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف مسلسل ۽ مضبوط جدوجهد جي حمايت ڪئي. ڌرين عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي وڌايو وڃي ۽ ان حوالي سان ٻٽي معيار ۽ سياسي استعمال جي مخالفت ڪئي وڃي. ڌرين گڏيل قومن جي مرڪز ۾ قائم عالمي نظام، عالمي قانون تي ٻڌل عالمي نظم ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن موجب عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي تحفظ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن هڪ برابر ۽ منظم گهڻ قطبي دنيا ۽ هڪ جامع ۽ فائديمند عالمي اقتصادي نظام جي فروغ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻي عالمي جنگ جي فاتحاڻي نتيجن کي مضبوطي سان برقرار رکڻ ۽ فاشزم ۽ عسڪريت پسندي کي بحال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت ڪرڻ ضروري آهي. ٻنهي جنگ کانپوءِ جي عالمي نظام جي حمايت ڪئي جيڪو قاهره پڌرنامي ۽ پوٽس ڊيم پڌرنامي جهڙن عالمي قانوني دستاويزن تي ٻڌل آهي ته جيئن عالمي امن ۽ انصاف کي برقرار رکي سگهجي. پاڪستان ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس تعاون تنظيم قائم ڪرڻ جي چين جي قدم جي حمايت ڪندي ان کي مصنوعي ذهانت کي عالمي سطح تي مثبت ۽ سڀني جي لاءِ ڪارائتو بڻائڻ طرف هڪ عملي قدم قرار ڏنو. ٻنهي ملڪن مصنوعي ذهانت جي عالمي نظم ۽ ضبط ۽ عالمي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين هڪطرفي قدمن جي مخالفت ورجائي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال تي چين کي بريفنگ ڏني جڏهن ته چين موقف اختيار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو تاريخي نوعيت جو آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفي معاهدن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. ڌرين سرحدي پاڻي وسيلن تي برابر ۽ گڏيل فائدي جي اصول تحت تعاون تي اتفاق ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي تحفظ جي اهميت کي ورجايو. چين پاڪستان جي بطور ايندڙ چيئرمين ايس سي او جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ 26 – 2025ع دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي غيرمستقل ميمبرشپ دوران ان جي ڪردار کي ساراهيو. چين پاڪستان جي گهڻ رخي تعاون، تڪرارن جي پرامن حل ۽ علائقائي تعاون جي قدمن کي پڻ ساراهيو. پاڪستان صدر شي جن پنگ جي وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي چار نقطن جي حمايت ڪئي. چين آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ عارضي جنگبندي ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ “اسلام آباد ڳالهه ٻولهه” جي انعقاد ۾ ڪردار کي ساراهيو. ڌرين نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي جي لاءِ پنج نقاطي قدم تي جلد عملدرآمد تي اتفاق ڪيو. پاڪستان هن سال اپريل ۾ ارومچي ۾ چين، افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غيررسمي ڳالهه ٻولهه جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو ۽ چين جي اهڙي ڳالهه ٻولهه واري پليٽ فارم کي خوش آئنده قرار ڏنو. ٻنهي ملڪن افغانستان جي معاملي تي ويجهو رابطو ۽ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به فرد، گروهه يا تنظيم بشمول تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ اوڀر ترڪستان اسلامي تحريڪ کي پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي يا سرگرمين جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. دوري دوران مختلف شعبن ۾ تعاون جي ڪيترن ئي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون. گڏيل پڌرنامي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي وفد جو سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي شاندار استقبال ڪرڻ تي عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪيا.