اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حج اسلام جو اهم رُڪن آهي، جيڪو مسلمانن وچ ۾ اخوت، مساوات، ايثار ۽ اتحاد جو عملي دليل آهي، حج جي ادائگي الله تعاليٰ جي خوشنودي کي حاصل ڪرڻ، روحاني پاڪيزگي ۽ گناهن جي بخشش جو ذريعو آهي. اهڙو اظهار هن عرفات جي ڏهاڙي تي حاجين سڳورن کي حج جي ادائگيءَ تي واڌايون ڏيندي …
حج مسلمانن وچ ۾ اخوت، مساوات، ايثار ۽ اتحاد جو عملي دليل آهي: قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حج اسلام جو اهم رُڪن آهي، جيڪو مسلمانن وچ ۾ اخوت، مساوات، ايثار ۽ اتحاد جو عملي دليل آهي، حج جي ادائگي الله تعاليٰ جي خوشنودي کي حاصل ڪرڻ، روحاني پاڪيزگي ۽ گناهن جي بخشش جو ذريعو آهي. اهڙو اظهار هن عرفات جي ڏهاڙي تي حاجين سڳورن کي حج جي ادائگيءَ تي واڌايون ڏيندي ڪيو. اسيپڪر چيو ته عرفات جي ڏينهن الله آڏو عاجزي، توبهه ۽ بخشش گُهرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، عرفات جي ميدان ۾ سڄي دنيا مان آيل لکين مسلمانن جو مسلم اُمت جي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جي خوبصورت تصوير پيش ڪري ٿو. اسپيڪر چيو ته عرفات جو ڏهاڙو اسان کي صبر، قرباني، ايثار، تقويٰ ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سمورن حاجين جي عبادتن، دُعائن ۽ حج کي مقبول فرماءِ ۽ کين خير ۽ عافيت سان پنهنجي وطن ڏانهن موٽائي. اسپيڪر الله تعاليٰ کان پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي عطا فرمائڻ ۽ پوري مسلم اُمت کي اتحاد، استحڪام ۽ ڀائيچاري جي نعت سان مالامال ڪرڻ جي به دُعا ڪئي.











