فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان غير رسمي ملاقات

راولپنڊي-25 مئي (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان غير رسمي ملاقات ڪئي آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ چيني وزيراعظم جي ملاقات عظيم عوامي هال ۾ پروقار آجياڻي تقريب دوران ٿي. دستياب تفصيل مطابق ان موقعي تي چين جي وزيراعظم، گرمجوشي سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هٿ ملايو ، چين جي وزيراعظم …

راولپنڊي-25 مئي (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان غير رسمي ملاقات ڪئي آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ چيني وزيراعظم جي ملاقات عظيم عوامي هال ۾ پروقار آجياڻي تقريب دوران ٿي. دستياب تفصيل مطابق ان موقعي تي چين جي وزيراعظم، گرمجوشي سان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان هٿ ملايو ، چين جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هن وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ چين جي دوري تي موجود آهي. 

مزید خبریں