پاڪستان ۽ چين پاران 75هين سالگرهه کي اسٽريٽجڪ، عملي ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون جي هڪ نئين دور ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق

بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي دوستي جي تاريخي وراثت کي اڳتي وڌائيندي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه کي اسٽريٽجڪ، عملي ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون جي هڪ نئين دور ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، سي پيڪ جي ترقي …

بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي دوستي جي تاريخي وراثت کي اڳتي وڌائيندي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه کي اسٽريٽجڪ، عملي ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون جي هڪ نئين دور ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، سي پيڪ جي ترقي کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ چين جي 15هين پنج سالا منصوبي کي “اڏار پاڪستان” پروگرام سان هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن صنعتڪاري، گڏيل رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت، قابل تجديد ۽ صاف توانائي ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چين جي صدر شي جن پنگ سان انتهائي پرجوش ۽ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي. اها ملاقات پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي ڏس ۾ ٿي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سميت ٻيا سينيئر وزير ۽ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم صدر شي جن پنگ پاران شاندار استقبال تي ٿورا ادا ڪيا ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان – چين پراڻي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي جي اسٽريٽجڪ اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي. وزيراعظم چين جي بنيادي مفادن خاص طور تي “ون چائنا پاليسي” تي پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، قومي ترقي ۽ معاسي استحڪام جي لاءِ چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم هڪ ڏينهن اڳ هانگزو جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي زي جيانگ صوبي جي ترقي ۾ صدر شي جن پنگ جي اهم ڪردار کي ساراهيو جتي هو 2002ع کان 2007ع تائين گورنر رهيو هو. هن صدر شي جن پنگ جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت جي پڻ واکاڻ ڪئي جنهن چين کي هڪ عالمي طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. علائقائي امن جي لاءِ چين جي حمايت کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ جي علائقائي امن جي لاءِ پيش ڪيل چار نقاطي تجويز کي وسيع پئماني تي پذيرائي ملي آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده غيريقيني ۽ ڇڪتاڻ وارين عالمي حالتن ۾ پاڪستان ۽ چين جي دوستي ۽ تعاون خطي ۽ دنيا ۾ استحڪام جو اهم ذريعو بڻيل آهن. هن صدر شي جن پنگ جي ويزن تي ٻڌل عالمي قدمن جن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل سولائزيشن انيشي ايٽو ۽ گلوبل گورننس انيشي ايٽو شامل آهن، کي ساراهيو. وزيراعظم “انسانيت جي گڏيل مستقبل رکندڙ عالمي برادري” جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسٽريٽجڪ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي، سي پيڪ جي ترقي کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ چين جي 15هين سالا منصوبي کي “اڏار پاڪستان” پروگرام سان هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن صنعتڪاري، گڏيل رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، زراعت، قابل تجديد ۽ صاف توانائي ۽ ڊيجيٽل تبديلي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم چيو ته چين جي خلائي اسٽيشن پروگرام جي لاءِ پاڪستاني خلابازن جي چونڊ پاڪستان چين تعاون جي وڌندڙ مضبوطي جو مظهر آهي. صدر شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد، تفهيم ۽ تعاون تي ٻڌل “ناقابل شڪست روايتي دوستي” قائم ڪئي آهي. هن زور ڏنو ته عالمي حالتن ۾ تبديلين جي باوجود چين پنهنجي پاڙيسريت پاليسي ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي سدائين ترجيح ڏيندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان چين دوستي جي تاريخي وراثت کي اڳتي وڌائيندي 75هين سالگرهه کي اسٽريٽجڪ، عملي ۽ مستقبل تي ٻڌل تعاون جي هڪ نئين دور ۾ تبديل ڪيو ويندو.

مزید خبریں