بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته چيني صدر امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪردار کي ساراهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوران شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبُوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي صدر شي جن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته چيني صدر امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪردار کي ساراهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات دوران شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جو عظيم دوست ۽ امن پسند انسانيت جو عظيم علمبردار قرار ڏيندي چيو ته چين جو ٻيهر دورو سندس لاءِ تمام گهڻي خوشي جو سبب آهي، انتهائي شاندار استقبال تي ٿورا ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه آهي، ان مبارڪ موقعي تي پنهنجي چيني ڀائرن، ڀينرن کي ۽ يقيني طور تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، ان جو سمورو ڪريڊٽ اسان جي باني اڳواڻن ڏانهن وڃي ٿو جن گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ ان رشتي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو عظيم والد به ان رشتي جي تعمير ۾ تمام گهڻو قيمتي ڪردار ادا ڪيو، يقين ڏياريان ٿو ته اسان گڏجي ايندڙ وقتن ۾ ان رشتي کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائينداسين، اسان گڏجي پنهنجي 75 سالا سفارتي لاڳاپن جو جشن ملهائڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، اهو سڄو سال جاري رهندو جيڪو اسان جي اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪندي جاري رهندو ته چين ۽ پاڪستان ٻه شيهي جي ديوار وانگر گڏيل ملڪ آهن ۽ ان منفرد رشتي جو ڪو ٻيو مثال نه آهي. وزيراعظم چيو ته هن گذريل سال چيني پريڊ ۾ چين جي فوجي طاقت جو مشاهدو ڪيو، مون کي پريڊ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي، ان پريڊ دنيا کي ڏيکاريو ته صدر شي جن پنگ جي متحرڪ قيادت ۾ چين نه رڳو هڪ عالمي معاشي طاقت آهي پر هڪ فوجي طاقت به آهي جيڪو گهڻ رخي تعاون جي فلسفي کي فروغ ڏيندي دنيا ۾ ترقي ۽ امن جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن هانگزو جي پرسڪون خوبصورتي، چراگاهون، باغ، باغيچا، ڍنڍون، خوبصورت عمارتون ۽ رستن جو ڄار ڏٺو، علي بابا جهڙي عظيم ڪمپني جو دورو ڪيو جيڪا بنا ڪنهن شڪ جي شي جن پنگ جي دورانديش قيادت جي عڪاس آهي، جڏهن توهان اتي شي جيانگ صوبي جا گورنر ۽ پارٽي سيڪريٽري هئا (ان وقت توهان جي بصيرت جي عڪاسي ڪري ٿو). وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ جو سفر ٻاروتڻ کان ئي مقابلو ڪرڻ جي سگهه، همت ۽ استقامت سان ڀريل آهي، جيڪو ان جي خاموش قيادت جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪا ماڻهن جي تقدير کي خوشحالي ۽ ترقي طرف وٺي وڃڻ تي سگهه رکي ٿي. صدر شي جن پنگ جي قيادت بيلٽ اينڊ روڊ قدمن ۽ سي پيڪ جي ذريعي دوستي کي فروغ ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اهو توهان کي عالمي سطح تي هڪ ناليواري ۽ بلند قدامت شخصيت بڻائي ٿو، حقيقي قيادت پاڻ کي وقف ڪرڻ، محنت، قرباني ۽ مسلسل ڪوششن سان حاصل ٿئي ٿي، ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهڻ جو ڪو ٻيو رستو نه آهي، صدر شي جن پنگ جي قيادت ماڻهن جي خدمت، عوام تي مرڪوز خوشحالي ۽ ترقي جو هڪ گهرو اظهار آهي، آئون توهان جي قيادت مان تمام گهڻي طاقت حاصل ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ الله جي فضل سان اسان تمام گهڻيون تبديليون آنديون آهن، ڪيترائي ڍانچاجاتي سڌارا آندا آهن، اڃا تمام ڊگهو رستو طئي ڪرڻو آهي ڇو ته اهي تبديليون وڏو عرصو اڳ ٿي وڃڻ گهرجن ها، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، فيلڊ مارشل ۽ اسان جي عظيم ٽيم زبردست ڪم ڪيو آهي. جڏهن ته ان موقعي تي چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ذريعي آئون پاڪستاني عوام کي گرمجوشي سان خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي به چين ۾ ڀليڪار چوان ٿو، مون کي خبر آهي ته هو ايران مان واپس آيو آهي جتي هن امن جي لاءِ ثالثي ڪندي مثبت ڪوششون ڪيون آهن، اسان پاڪستان جي تعميري ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي کي سمجهيو، هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪيو ۽ هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسانجي اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ عملي تعاون اسان جي گڏيل ترقي ۾ تمام وڏو حصو وڌو آهي، عالمي تبديلين جي باوجود چين سدائين هن خطي جي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي اولين ترجيح ڏني آهي، تازو ئي مون کي تيانجن يونيورسٽي جي پاڪستاني شاگردن جو خط مليو، اهي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جا معمار، مٽاسٽا کي فروغ ڏيندڙ ۽ دوستي جا محافظ بڻجڻ جو عزم رکن ٿا، مون کي اهو ڏسي تمام گهڻو حوصلو مليو آهي ته نوجوان نسل اسان جي دوستي جي رشتي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. هن چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي ايندڙ دور ۾ چين – پاڪستان گڏيل مستقبل رکندڙ معاشري جي تعمير تيز ڪرڻ جي لاءِ ان کان به وڌيڪ تعاون جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ فائدو پهچائڻ، علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ حصو وجهڻ جڏهن ته پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مستقبل رکندڙ معاشري جي تعمير جي لاءِ مثالي تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.











