چمن ڦاٽڪ ڌماڪو، نقصانن جي جائزي لاءِ ڊيميجز اسيسمينٽ ڪميٽي قائم

ڪوئيٽا-25 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا مهر الله باديني، چمن ڦاٽڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيل ملڪيتن ۽ گاڏين جي نقصانن جي جائزي لاءِ ڊيميجز اسيسمينٽ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي. ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي مطابق ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر  ڪوئيٽا کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس پي سي ٽي ڊي، ايڪسين بلڊنگ سي اينڊ ڊبليو، چيف ميٽرو پوليٽن آفيسر ميٽرو …

ڪوئيٽا-25 مئي (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا مهر الله باديني، چمن ڦاٽڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٿيل ملڪيتن ۽ گاڏين جي نقصانن جي جائزي لاءِ ڊيميجز اسيسمينٽ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي. ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي مطابق ڪميٽي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر  ڪوئيٽا کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس پي سي ٽي ڊي، ايڪسين بلڊنگ سي اينڊ ڊبليو، چيف ميٽرو پوليٽن آفيسر ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪوئيٽا ۽ ايگريڪلچر انجينئرنگ کاتي جي آفيسرن کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق ڪميٽي فوري طور تي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري ڌماڪي سبب متاثر ملڪيت ۽ گاڏين جي نقصانن جو ڪاٿو لڳائيندي ۽ ان حوالي سان جامع رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر کي پيش ڪندي.  واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي علائقي چمن ڦاٽڪ وٽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترين گاڏين ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو هو.

مزید خبریں