پاڪستان ۽ چين پاران بنيادي قومي مفادن بابت سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ

بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين بنيادي قومي مفادن بابت سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان – چين حصيداري کي عملي، ڪارائتي ۽ اعلى معيار جي تعاون جي نئين مرحلي ۾ داخل ڪرڻ تي اتفاق ۽ سي پيڪ جي اڳئين مرحلي تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي اميدن ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ …

بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين بنيادي قومي مفادن بابت سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان – چين حصيداري کي عملي، ڪارائتي ۽ اعلى معيار جي تعاون جي نئين مرحلي ۾ داخل ڪرڻ تي اتفاق ۽ سي پيڪ جي اڳئين مرحلي تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي اميدن ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي پس منظر ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم لي چيانگ پاران شاندار استقبال تي سندس ٿورا ادا ڪيا ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان – چين پراڻي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ تعاون، امن، ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي بنيادي قومي مفادن بابت سمورن معاملن تي مڪمل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ انقلابي ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي اڳئين مرحلي تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي اميدن ۽ عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – چين لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي، اقتصادي، اسٽريٽجڪ، سيڪيورٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زور ڏنو ته سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي اهم موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي خيرسگالي جي عملي، عوام دوست ۽ مستقبل تي ٻڌل نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هن ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعلى سطح جي مٽاسٽا ۽ ويجهي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سي پيڪ ۽ ان جي ايندڙ مرحلي جي اعلى معيار جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ صنعتڪاري، ٻطرفي رابطن، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڊيجيٽل تبديلي، صاف توانائي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چين جي 15هين پنج سالا منصوبي ۽ پاڪستان جي ترقياتي فريم ورڪ “اڏار پاڪستان” جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي تيز ڪري سگهجي ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. وزيراعظم پاڪستان جي ترقي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ چين جي مستقل حمايت کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ چيني شهرين، ادارن ۽ منصوبن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم خلائي تحقيق، مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجيز سميت اڀرندڙ شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته چين جي خلائي اسٽيشن پروگرام جي لاءِ پاڪستاني خلابازن جي چونڊ نئين ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ پاڪستان – چين تعاون جي وڌندڙ گهرائي جو مظهر آهي. ڌرين ويجهو رابطو برقرار رکڻ، طئي ٿيل منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ ۽ پاڪستان – چين حصيداري کي عملي، ڪارائتي ۽ اعلى معيار جي تعاون جي نئين مرحلي ۾ داخل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار هارون اختر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا.

مزید خبریں