بيجنگ - 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ تيانمن اسڪوائر تي عوامي جمهوريه چين جي هيروز جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. بيجنگ جي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي يادگار اچڻ تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم سادي ۽ پروقار تقريب ۾ يادگار تي گل رکي چين جي قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب ۾ وفاقي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ ۾ تيانمن اسڪوائر تي عوامي جمهوريه چين جي هيروز جي يادگار تي حاضري، گل چاڙهيا

مزید خبریں
بيجنگ – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ تيانمن اسڪوائر تي عوامي جمهوريه چين جي هيروز جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. بيجنگ جي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف جي يادگار اچڻ تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم سادي ۽ پروقار تقريب ۾ يادگار تي گل رکي چين جي قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پاڪستاني وفد جي ميمبرن ۽ چين جي اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. بيجنگ جي دل ۾ موجود تيانمن اسڪوائر چين جي تاريخ، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جي اهم علامت سمجهيو وڃي ٿو.











