اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو . واپار وارو وفاقي وزير چين ۾ 8 وڏين چيني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو ۽ چين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندو . ڄام ڪمال خان سيڙپڪارن سان ٽيڪسٽائل، زراعت، کاڻين، اي ڪامرس ۽ فوڊ سيڪٽر ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪندو. پاڪستاني ٽيڪسٽائل جي شعبي …
واپار وارو وفاقي وزير چين پهچي ويو، زراعت، کاڻين، اي ڪامرس، فوڊ سيڪٽر ۾ سهڪار وڌائڻ، ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ چين جي سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

مزید خبریں
اسلام آباد-25 مئي (اي پي پي) واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو . واپار وارو وفاقي وزير چين ۾ 8 وڏين چيني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندو ۽ چين جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندو . ڄام ڪمال خان سيڙپڪارن سان ٽيڪسٽائل، زراعت، کاڻين، اي ڪامرس ۽ فوڊ سيڪٽر ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ڪندو. پاڪستاني ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي به ڳالهيون ٿينديون. واپار واري وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته پاڪستاني زرعي پيداوار ۽ معياري ٻجن جي بهتري لاءِ چين سان سهڪار تي مشورو ڪيو ويندو . هن چيو ته پاڪستان جي معدني شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار وڌائڻ جا امڪان روشن آهن . ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڊجيٽل واپار اي ڪامرس جي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي به اتفاق ٿيو آهي. پاڪستان جو روانگي واپار ڪندڙن کي چيني مارڪيٽ تائين رسائي ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي. ترن، زرعي جنسن، پاڪستاني گوشت ۽ پولٽري مصنوعات چين ڏانهن روانگي واپار ڪرڻ تي به اڳڀرائي ٿي آهي.











