نجي شعبي کي بئنڪن پاران قرض جاري ڪرڻ ۾ اپريل دوران ساليانو بنيادن تي اضافو ٿيو: اسٽيٽ بئنڪ

اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) نجي شعبي جي ڪاروبار کي بئنڪن مان قرض جاري ڪرڻ ۾ اپريل دوران  ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب اپريل ۾ بئنڪن پاران نجي شعبي جي واپارين کي فراهم  ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 9.167 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال اپريل جي ڀيٽ ۾ 10.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال اپريل ۾ بئنڪن مان فراهم ڪيل قرضن …

اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) نجي شعبي جي ڪاروبار کي بئنڪن مان قرض جاري ڪرڻ ۾ اپريل دوران  ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب اپريل ۾ بئنڪن پاران نجي شعبي جي واپارين کي فراهم  ڪيل مجموعي قرضن جو ڳاڻيٽو 9.167 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال اپريل جي ڀيٽ ۾ 10.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل سال اپريل ۾ بئنڪن مان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 8.28  ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. مارچ جي ڀيٽ ۾ اپريل ۾ نجي شعبي کي بئنڪن کان فراهم ڪيل قرضن ۾ ماهوار بنيادن تي 0.7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. مارچ ۾ نجي شعبي جي ڪاروبار کي بئنڪن مان فراهم ڪيل قرضن جو ڳاڻيٽو 9.235 ٽريلين روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو اپريل ۾ گهٽجي 9.167 ٽريلين روپيا ٿي ويو.

مزید خبریں