اسلام آباد- 25 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سُومر ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 71 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جي آمد 45 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد هڪ لک 19 هزارڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 19 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 42 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ …
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 مئي (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سُومر ڏينهن جاري ڪيل انگ اکرن موجب سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 71 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 70 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جي آمد 45 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 45 هزار 100 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد هڪ لک 19 هزارڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 19 هزار ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 42 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آهي.جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 25 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بيراجن جي انگ اکرن مطابق جناح بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 31 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ڇوڙ هڪ لک 24 هزار 500 ڪيوسڪ، چشمه بيراج ۾ پاڻي جي آمد ڪ لک 26 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ، تونسه بيراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 11 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 89 هزار 300 ڪيوسڪ،گڊوبيراج ۾ پاڻي جي آمد66هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ58 هزار 300 ڪيوسڪ، سکربيراج ۾ پاڻي جي آمد 50 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ16 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ زيرو ڪيوسڪ، تريمون بيراج ۾ پاڻي جي آمد 21 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ6 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ پنجند بيراج ۾ پاڻي جي آمد 8 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ زيرو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو . آبي ذخيرن جي انگ اکرن مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي موجوده سطح 1454.95 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.171 ملين ايڪڙ فوٽ ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1167.10 فوٽ ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 2.439 ملين ايڪڙ فٽ جڏهن ته چشمه جو آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 642.90 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.084 ملين ايڪڙ في رڪارڊ ڪيو ويو.











