هانگزو -25 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ته وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي معياري تعليم، فني تربيت، جدت ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏيندو رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن چين جي شهر هانگزو ۾ منعقد چين- پاڪستان فني ۽ پيشيواراڻي تعليم، صنعتي تعاون بابت سيمينار ۾ خطاب ڪندي …
وزيراعظم يوٿ پروگرام عالمي شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي وٺائيندو رهندو: راڻا مشهود احمد خان

مزید خبریں
هانگزو -25 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ته وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي معياري تعليم، فني تربيت، جدت ۽ روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏيندو رهندو. انهن خيالن جو اظهار هن چين جي شهر هانگزو ۾ منعقد چين- پاڪستان فني ۽ پيشيواراڻي تعليم، صنعتي تعاون بابت سيمينار ۾ خطاب ڪندي ڪيو. اهو سيمينار پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ وارين تقريبن جي سلسلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ٻنهي ملڪن جي حڪومتي نمائندن، تعليمي ماهرن، فني تربيت جي ادارن جي سربراهن ۽ صنعت سان واڳيل شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فني تعليم، صنعتي تعاون ۽ هنرمند ماڻهن جي تياري جي شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو ويو. تقريب دوران راڻا مشهود احمد خان پاڪستان ۽ چين جي مشهور تعليمي ادارن ۽ ڪاليجن وچ ۾ ٽينگ انٽرنيشنل ايجوڪيشن نيٽ ورڪ جي تعاون سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ مختلف تعليمي شعبن ۾ اهم معاهدن تي صحيحين واري تقريب ڏٺي. انهن معاهدن جو مقصد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فني تعليم، هنرمندي، تعليمي مٽاسٽا ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وارن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. اهي شراڪتداريون پاڪستاني نوجوانن لاءِ جديد صنعتن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي جدت جهڙن شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ڪنديون. ان تعاون تحت علم جي مٽاسٽا، استادن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا پروگرامز، گڏيل تربيتي منصوبن ۽ عالمي سندن جا موقعا به فراهم ڪيا ويندا. ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جي مهارتن سان ليس ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته چيني تعليمي ۽ صنعتي ادارن سان مضبوط رابطا پاڪستان ۾ انساني وسيلن جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي معياري تعليم، فني تربيت، جدت ۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏيندو. اهو سيمينار پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دوستي ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري جو هڪ ٻيو اهم سنگ ميل ثابت ٿيو، جنهن ٻنهي ملڪن جي علائقائي ترقي، ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۽ نوجوانن جي خوشحالي جي گڏيل ويزن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.











