اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) گوادر پورٽ جي جديد بندرگاهي سهولت علائقائي ۽ عالمي واپاري ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. گوادر پورٽ 53 هزار 277 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪارگو جي ڪامياب هينڊلنگ جو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. تفصيل موجب چين مان آيل سامونڊي جهاز ايم وي بي جياشان کي ڪاميابي سان گوادر پورٽ تي لنگر انداز ڪيو ويو. عمان جي بندرگاهه …
گوادر پورٽ جي آپريشنل صلاحيت ۽ عالمي واپاري اهميت ۾ وڌيڪ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد -25 مئي (اي پي پي) گوادر پورٽ جي جديد بندرگاهي سهولت علائقائي ۽ عالمي واپاري ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي. گوادر پورٽ 53 هزار 277 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪارگو جي ڪامياب هينڊلنگ جو اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. تفصيل موجب چين مان آيل سامونڊي جهاز ايم وي بي جياشان کي ڪاميابي سان گوادر پورٽ تي لنگر انداز ڪيو ويو. عمان جي بندرگاهه صحار ويندڙ جهاز کي ٽرانس شپمينٽ آپريشنز لاءِ گوادر پورٽ منتقل ڪيو ويو، سامونڊي جهاز ايم وي بي جياشان تي موجود اٽڪل 20 هزار 669 اسٽيل بلٽس جي ڪامياب هينڊلنگ مڪمل ڪئي وئي. 12.8 ميٽر ڊرافٽ رکندڙ وڏي سامونڊي جهاز جي محفوظ برٿنگ گوادر پورٽ جي جديد سهولتن ۽ صلاحيتن کي نمايان ڪري ٿي، ايم وي بي جياشان جي ڪامياب هينڊلنگ گوادر پورٽ تي عالمي شپنگ ڪمپنين جي وڌندڙ اعتماد جي عڪاسي آهي. گوادر پورٽ چين، وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا وچ ۾ واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.











