اسلام آباد- 25 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اردن جي شاهه عبدالله ٻيون ابن الحسين ۽ اردن جي ڀائر عوام کي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل خوشگوار ۽ ڊگهي پُراڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ وسيع علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي مفاهمت ۽ هم آهنگي رکن ٿا. اردن …
صدر پاران اردن جي شاهه عبدالله ٻيون ابن الحسين ۽ اردن جي ڀائر عوام کي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اردن جي شاهه عبدالله ٻيون ابن الحسين ۽ اردن جي ڀائر عوام کي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن گڏيل احترام، اعتماد ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل خوشگوار ۽ ڊگهي پُراڻا لاڳاپا قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ وسيع علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي مفاهمت ۽ هم آهنگي رکن ٿا. اردن جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾، صدر پنهنجي ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر آصف علي زرداري شاهه عبدالله جي نومبر 2025ع ۾ پاڪستان جي دوري کي ٻطرفي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏنو. صدر اردن جي عوام جي امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.











