بيجنگ- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ چين جي صدر شي جن پنگ جي چار نقاطي ايجنڊا جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته دنيا هڪ نازڪ دور مان گذري رهي آهي، امن ۽ ڪاروبار جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. چين پاڪستان جي امن ۽ جنگ بندي لاءِ ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ معاملا صحيح رخ …
وزيراعظم پاران نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ چين جي صدر شي جن پنگ جي چار نقاطي ايجنڊا جي مڪمل حمايت، دنيا هڪ نازڪ دور مان گذري رهي آهي، امن ۽ ڪاروبار جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: محمد شهباز شريف

مزید خبریں
بيجنگ- 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ چين جي صدر شي جن پنگ جي چار نقاطي ايجنڊا جي مڪمل حمايت ڪندي چيو آهي ته دنيا هڪ نازڪ دور مان گذري رهي آهي، امن ۽ ڪاروبار جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. چين پاڪستان جي امن ۽ جنگ بندي لاءِ ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي ۽ معاملا صحيح رخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن. هو سومر ڏينهن هتي عظيم عوامي هال ۾ سندس اعزاز ۾ منعقد ڪيل هڪ شاندار آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي چين جو وزيراعظم لي چيانگ، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستان ۽ چين جا وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي وزيراعظم جو چين جي دوري جي گرمجوشي سان دعوت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته توهان جي عظيم ملڪ جو دورو ڪرڻ منهنجي لاءِ سدائين وڏي خوشي جو سبب هوندو آهي. جڏهن به چين اچُون ٿا، اسان کي نيون اڏاوتُون ۽ عظيم ترقي ڏسڻ لاءِ ملندي آهي. هن چين جي ڀائر عوام سان شانشي صوبي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. وزيراعظم متاثر خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان هن وقت تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي بيٺا آهيون، پاڪستان ۽ چين پنهنجي شاندار دوستي ۽ سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن، پاڪستان-چين دوستي جو بنياد اسان جي وڏن رکيو هو، انهن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو مضبوط بنياد ۽ مستحڪم عمارت قائم ڪئي، هاڻي اسان هن ورثي کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سفر تي گامزن آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا هڪ تمام نازڪ دور مان گذري رهي آهي، نار ۾ بحران آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۾ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تازو ئي تهران کان هتي پهتو آهي، هو مسلسل سفر ڪري رهيو آهي، فيلڊ مارشل ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار آمريڪا، ايران ۽ نار ملڪن سميت سڀني سان رابطا ڪيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف امن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان حوالي سان گهڻو ڪم ٿي ويو آهي ۽ معاملا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن. هن پاڪستان جي امن جي ڪوششن جي ڀرپُور حمايت ۽ جنگ بندي لاءِ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن صدر شي جن پنگ جي 4 نڪاتي ايجنڊا جي مڪمل حمايت ڪندي چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات ۾ به هن 5 نڪاتي حمايتي پروگرام جو اعلان ڪيو هو. جنگ بندي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن دنيا ۾ امن قائم ٿئي ۽ ڪاروبار ٻيهر شروع ٿي سگهي. هن بحران نه رڳو خطي جي معيشت پر پاڪستان، جيڪو تيل ۽ تيل جي شين جو خالص درآمد ڪندڙ آهي سميت عالمي برادري کي به سخت متاثر ڪيو آهي. چيني وزيراعظم لي چيانگ ان موقعي تي چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان ويجها رابطا ۽ هم آهنگي کي برقرار رکيو آهي ۽ گڏيل مفادن جو تحفظ ڪيو آهي. هن پاڪستان جي علائقائي امن لاءِ مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو ته صدر شي جن پنگ جي اڄ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ٿيندي. هي ملاقات ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسٽريٽجڪ رهنمائي فراهم ڪندي. هن چيو ته چين پاڪستان سان روايتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان پاڪستان سان عملي تعاون کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سڀني معاملن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون. ان کان اڳ، چين جي وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد جو عظيم عوامي هال پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پاڪستاني وفد جڏهن ته چين جي وزيراعظم پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ وزيراعظم کي چيني هٿياربند فوج جي دستن طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون.











